ڏوڪري ۾ بي آءِ ايس پي سينٽر لاڙڪاڻي منتقل ٿيڻ سبب هزارين مستحق عورتون عيد جي قسط کان محروم

ڏوڪري بي آءِ ايس پي سينٽر احتجاجڏوڪري(رپورٽر) ڏوڪري ۾ بي آءِ ايس پي سينٽر لاڙڪاڻي منتقل ٿيڻ سبب هزارين مستحق عورتون عيد جي قسط کان محروم، سينٽر لاڙڪاڻي منتقل ٿيڻ خلاف مستحق عورتن جو بند سينٽر ٻاهران احتجاجي مظاهرو، سينٽر ٻيهر کولڻ جو مطالبو. تفصيل مطابق ڏوڪري ۾ بي آءِ ايس پي سينٽر جي ٺيڪيدار طرفان گذريل 15 ڏينهن کان سينٽر بند ڪرڻ سبب هزارين مستحق ۽ غريب عورتون عيد جون خوشيون ملهائڻ کان محروم ٿي ويون. بينظير انڪم سپورٽ سينٽر جي ٺيڪيدار اياز جانوري طرفان سينٽر تي مبينا ڪميشن ايجنٽ مقرر ڪرڻ واري عمل خلاف سياسي سماجي اڳواڻن ۽ مستحق عورتن طرفان احتجاج ڪرڻ جو جواز ڄاڻائي سينٽر بند ڪري ڇڏيو. بي آءِ ايس پي سينٽر بند ٿيڻ سبب لاڙڪاڻي، دادو ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن کان ايندڙ 15 هزار کان وڌيڪ مستحق عورتن کي عيد جو وظيفو نه ملڻ ڪري متاثر عورتن بند ٿيل سينٽر ٻاهران حور خاتون، زبيده خاتون سولنگي، عمراءِ خاتون جوڻيجو، راڻي مينگل، وزيران خاتون شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي صحافين اڳيان احتجاج ڪندي مستحق عورتن چيو ته بي آءِ ايس پي سينٽر بند ٿيڻ ڪري سوين روپيا ڪرايو ڪري لاڙڪاڻي وڃڻو پوي ٿو، جتي سندن تمام گهڻي تذليل ٿي رهي آهي. هنن الزام هڻندي چيو ته سينٽر تي مقرر ڪميشن ايجنٽ 1500 کان 1800 ڪميشن وٺي مستحق عورتن کي ٺڳي من پسند ڪارڊ ڪرائي رهيا آهن. هنن بلاول ڀٽو، آصف زرداري ۽ وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته ڏوڪري سينٽر کولي عورتن کي پريشان ٿيڻ کان بچايو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *