پي ٽي آءِ اڄ لاڙڪاڻي ۾ سياسي قوت جو مظاهرو ڪندي، تياريون عروج تي پهچي ويون

لاڙڪاڻو/ ڏوڪري (نمائنده) پاڪستان تحريڪ انصاف اڄ جمعي جي ڏينهن 21 نومبر تي لاڙڪاڻي ۾ سياسي قوت جو مظاهرو ڪندي جلسي جون تياريون عروج تي پهچي ويون ۽ سيڪيورٽِ پلان تيار ڪيو ويو تفصيل موجب پيپلزپارٽِ جو ڳڙهه لاڙڪاڻي ۾ تحريڪ انصاف ميدان سجائيندي جنهن جون تياريون عروج تي پهچي ويون آهن ۽ سيڪيورٽي کي به حتمي شڪل ڏني ويئي آهي جلسي جي لاءِ 24 فوٽ ويڪرو ۽ 64 فوٽ ڊگهو اسٽيج کي تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو تحريڪ انصاف جي آرگنائيزر موجب پنڊان ۾ 35 هزار ڪرسيون رکيون ويون آهن تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ جلسي جي ميزبان شفقت حسين انڙ ٻڌايو ته ماڻهن ۾ جوش ۽ خروش سبب ٻن لک ماڻهن جي شرڪت جو امڪان آهي. جلسي جي ڪاميابي لاءِ لاڙڪاڻي شهر سميت مختلف علائقن ۾ 15 کان وڌيڪ استقباليه ڪئمپ لڳايا ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *