پشاور سانحي جي سوڳ ۾ اڄ ٽئين ڏينهن به سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا

ڪراچي (نمائندن وٽان) پشاور سانحي جي سوڳ ۾ اڄ ٽئين ڏينهن به مختلف شهرن ۾ ڪاروباري مرڪز بند ڪري قران خوانيون ڪيون ويون، جڏهن ته مختلف شهرن ۾ ڏيئا ٻاري پشاور جي شهيد ٻارڙن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. لاڙڪاڻي ۾ پشاور واقعي خلاف قومي عوامي تحريڪ ۽ ايس اين پي ڪارڪنن پاران ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. قمبر ۾ پشاور سانحي خلاف، گسٽا، سماجي تنظيمن ۽ اسڪولي شاگردن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو. نارو ۾ رينجرز پبلڪ اسڪول جي شاگردن ۽ استادن ريلي ڪڍي مين بس اسٽاپ تي ڏيئا ٻاري پشاور جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي. ٽنڊو آدم ۾ پشاور سانحي خلاف ٽئين ڏينهن به شٽر بند هڙتال ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مختلف اسڪولن ۾ استاد ۽ شاگردن پاران شهيدن کي پيٽا پيش ڪري دعائون گهريون ويون. جهڏو ۾ به پشاور سانحي خلاف مڪمل شٽربند هڙتال آهي، مختلف اسڪولن جي استادن ۽ شاگردن ريلي ڪڍي سانحي جي شهيدن لاءِ دعائون گهيون ويون. پشاور جي دهشتگردي واري سانحي خلاف مورو ۾ انجمن حُسيني مورو جي اڳواڻن، شيعا مومنين پاران جمعي جي نماز کانپوءِ مرڪزي امام بارگاھ کان ڪڍي ويو جنهن جي اڳواڻي مولانا علامه دوست محمد منتظري، سيد سجاد علي شاھ، سيد ڪاظم علي شاھ، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، سيد ڪوڙل شاھ، سيد آفاق شاھ، سيد اخلاق حيدر شاھ، سيد امام علي شاھ، سيد غضنفر علي شاھ، سيد نذير علي شاھ، سيد محسن علي شاھ، انجنيئر تصور حُسين لغاري، سيد رياض علي شاھ، حاجي علي اصغر سرهيو، ڊاڪٽر الطاف حسين ميمڻ، لياقت علي سرهيو، اطهر علي ميمڻ، آغا جاويد علي سرهيو، آغا فاروق علي سرهيو، سيد ابرار علي شاھ، اسلم امين آرائين ۽ ٻين ڪئي مظاهرو مرڪزي امام بارگاھ حسيني مورو مان ڪڍيو ويو جيڪو مختلف رستن کان ٿيندو مورو ميڊيا سينٽر اڳيان پهتو جتي سانحي خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي ۽ ڌرڻو هنيو ويو جڏهن ته احتجاجي ڌرڻي ۾ شيعا اڳواڻن سميت سڀني مذهبي جماعتن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، اسڪول جي شاگردن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، انهي موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته هي دردناڪ واقعو آهي

۽ پوري انسانيت جو قتل ٿيو آهي معصوم بي گناھ ٻارڙن جنهن جو انهي جنگ سان ڪو تعلق نه هيو انهن کي بي دردي سان گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، اسان انهن شهيد ٿي ويل معصوم گلڙن جهڙن شاگردن جي شهادت تي تمام گهڻو ڏکارا آهيون ۽ دردمند والدين، مائرن، ڀينرن ڀائرن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، پشاور واقعي ۾ ملوث ملڪ سميت تعليم، ڪتاب، قلم جا دشمن آهن اهي دهشتگرد نه ٿا چاهين ته هن ملڪ جو انسان ترقي ڪري اهي دهشتگرد انسان کي غار جي دور ۾ ڌڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جيڪو اسان هر گز ٿيڻ نه ڏينداسين هنن چيو ته اهي دهشتگرد خون پياڪ ڄورون ۽ ڳجهون آهن جيڪي اسان جي معصومن جا لاش ڳڙڪائي رهيا آهن ان ڪري حڪومت کي گهرجي ته جيڪي اهڙن دهشتگردن جي پٺيان هٿ آهن انهن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري انهن کي قانون جي دائري ۾ آڻي سخت کان سخت سزا ڏئي ڇاڪاڻ ته جيستائين انهن دهشتگرد جون جڙون ختم نه ٿينديون تيستائين اهڙي قسم جا واقعا ٿيندا رهندا ۽ اسين سوڳ ملهائيندا رهنداسين، اسان آخر ڪيستائين سوڳ ملهائيندا رهنداسين اسان آخر ڪيستائين تڏا وڇايندا رهنداسين، هوڏانهن مورو شهر جي مختلف اسڪولن ۾ شهيد ٿيل شاگردن استادن جي روحن کي ايثالي ثواب پهچائڻ ۽ زخمين جي صحتيابي لاءِ اجتماعي دعا پڻ گهري وئي ۽ زخمين ۽ شهيد ٿيل وارثن کي صبر ۽ تحمل جي به پڻ دعا گهري وئي. سانحي پشاور جي سوڳ ۾ اڄ به مورو ۾ شهيدن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اصغريه يونٽ مورو پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي مورو ميڊيا سينٽر اڳيان پهتي جتي اڳواڻن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي شهيدن جون تصويرون ۽ نعرا لکيل هئا پريس ڪلب اڳيان شهيدن جي ياد ۾ ڏيئا ٻاري دعا گهري وئي، انهي موقعي تي تصور حُسين لغاري، سيد ڪوڙل شاھ، يونس راهو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اسلام انسانيت آهي جنهن جو مقصد عدالت جو قيام آهي طالبان جو اسلام سان ڪو واسطو ناهي اهي اسلام تي داغ آهن، اسان سڀني مظلومن جا حامي آهيون چاهي اهي هندو، عيسائي، قادياني هجن چاهي سياسي ڪارڪن هجن هنن چيو ته اسان پنهنجي اميد ۽ آسرو ڪنهن رياستي اداري کي نه، بلڪ عوام جي ٻڌي ۽ گڏيل جدوجهد کي سمجهون ٿا تنهن ڪري اچو ته گڏجي هن ظلم ستم سان وڙهون ۽ عدالت جي قيام ۽ انسانيت جي بقا جي لاءِ هڪٻئي جو ساٿ ڏيون. جڏهن ته اياز هوشو، رضا حُسين لغاري، عامر علي لغاري، اشفاق باغي، صادق علي ميمڻ، شاهنواز سولنگي، باقر علي ميمڻ، غيبي خان جويو، مهراڻ سنڌي، عبدالوحيد سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري شهيدن جي لاءِ ميڻ بتيون ٻاري کين ڀيٽا پيش ڪئي.پشاور سانحي مختلف مذهبي جماعتن مورو شهري امن ڪاميٽي ۽ سياسي سماجي اڳواڻن طرفان هڪ گڏيل احتجاجي مظاهرو ڪيوويو جنهن جي اڳواڻي وڪيل مير محمد سولنگي، بدر الدين ميمڻ، محمد اسلم امين آرائين، حافظ شمس الدين سرهيو، خادم حسين کوسو، سيد ڪوڙل شاھ، امير علي سرهيو، غلام علي ميمڻ، عبدالحفيظ شيخ، برڪت علي چنا، عزيز چانڊيو، پپو ماڇي، زيڊ انسٽيٽيوٽ جي استادن شاگردن امتياز علي بغدادي، زاهد حسين ڏاهري، شمع ويلفيئر ايسوسئيشن ۽ شمع ڪمپيوٽر سينٽر جي استادن شاگردن نويد رضا مستوئي، سرمد رزاق مستوئي، وحيد رزاق، سهيل احمد، پروفيسر آصف علي، ڊاڪٽر ڪاشف ۽ ٻين ڪئي مظاهرين تاج مسجد مورو کان ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي ريلي ڪڍي جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي مورو ميڊيا سينٽر اڳيان پهتي جتي پشاور واقعي خلاف سخت نعري بازي ڪندي مٿين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پشاور واقعي تي دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي ٿي ۽ دهشتگرد ظالمن جو معصوم گلڙن جهڙن بارڙن ڪهڙو ڏوھ ڪيو هو ۽ دهشتگرد طالبان نه پر ظالمان آهن ۽ انهي ظلم ۽ دهشتگردي جي جيتري به مذمت ڪجي ته اها گهٽ آهي ڇاڪاڻ ته ظالمن ايترو ظلم ڪيو آهي جيڪو ڪير به نه ڪندو آهي تنهن ڪري حڪومت کي گهرجي ته بنا ڪنهن دير جي هڙن ظالم دهشتگردن خلاف سخت آپريشن ڪري کين نيست نابوت ڪيو وڃي ۽ پڻ اسان انهن شهيد ٿيل معصوم گلڙن جهڙن جي وارثن سان سندن ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون بعد ۾ مظاهرين تاج مسجد مورو پهچي پشاورر سانحي ۾ شهيد ٿيل معصومن جي غائبانه جنازي نماز پڙجهڻ بعد معصومن کي ايثال ثواب لاءِ قرآن خواني ڪئي وئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *