ٽنڊومحمد خان ۾ نائين ڪلاس جي شاگردياڻي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، رڙين تي پاڙيوارن بچائي ورتو

ٽنڊو محمد خان(رپورٽر) :  نائين ڪلاس جي شاگردياڻي کي زبردستي اغوا ڪرڻ وارو مامرو ، 14 ورهين جي شاگردياڻي ڪرن ڪنڀار عدالت ۾ کيس زبردستي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙن امين ٿهيم ، الهورايو ٿهيم ۽ اڪبر ڪنڀار تي زبردستي اغوا ڪرڻ ۽ ڌمڪائڻ بابت بيان رڪارڊ ڪرايو ، جنهن بعد ميڊيا سان متاثر شاگردياڻي ڪرن ڪنڀار  ڳالهائيندي چيو ته هاڻ منهنجي مائٽن کي مختلف فونن تان جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ملن پيون ، هن چيو ته مون کي پنهنجي تعليم پوري ڪرڻ ۾ وڏو خوف ٿي رهيو آهي خدارا مون کي تحفظ ڏياري منهنجي تعليم بچائي وڃي ، هن چيو ته اڪبر ڪنڀار ، الهورايو ٿهيم ڏوهي قسم جا ماڻهو آهن جن مان مون کي جان جو خطرو آهي ۽ اهي انتهائي بااثر آهن جن کي وڏي پٺڀرائي حاصل آهي جنهن ڪري پوليس به ٻيا جوابدار گرفتار نٿي ڪري ، هن چيو ته آئون چيف جسٽس آف پاڪستان ، انساني حقن جون تنظيمون ۽ اعلى اختيارين کي اپيل ٿي ڪريا ته منهنجي اغوا ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو وڃي ته جيئن مون سان انصاف ٿئي . ان موقعي تي چوڪري جي چاچي عبدالغفور ڪنڀار چيو ته وقت به وقتن نياڻي کي مارڻ جون ڌمڪيون ملن پيون اسان سان انصاف ٿيڻ گهرجي . ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ پنهنجي پڦي جي گهر ويندي 9 ڪلاس جي شاگردياڻي کي جوابدارن گهٽي مان اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته رڙين تي پاڙي وارن کيس بچائي ورتو .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *