نصيرآباد تعلقي جي زڪوات چيئرمين زڪوات جي فنڊ مان ست لک ٻاونجاھ ھزارروپيه ڪڊرائي حضم ڪري ڇڏيا: پپلز هاري ڪاميٽي ،غبن

نصيرآباد(رپورٽر )نصيرآباد تعلقي جي زڪوات چيئرمين زڪوات جي فنڊ مان ست لک ٻاونجاھ ھزارروپيه ڪڊرائي حضم ڪري ڇڏيا،غبن ٿيل زڪوات جي رقم چيئرمين کان واپس نه ڪرايا ويا ته احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي خبر موجب:پيپلزھاري ڪاميٽي تعلقي نصيرآباد جي صدرڪامريڊ ارباب علي شيخ،جنرل سيڪريٽري محمد حسن ابڙو،ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ عبدالواحد دايو،يوسي ڏيرا جوموسي جت،ديھ بٺ ڏيرا جوچيئرمين پياس علي لاشاري،ديھ واسوڪلھوڙاجوچيئرمين ديدارعلي ڪلھوڙو۽ ٻين سچل پريس ڪلب نصيرآباد تي گڏيل پريس بيان ڏيندي چيو ته ضلعي قمبرشھدادڪوٽ جي تعلقه نصيرآباد جو چيئرمين زڪوات جي فنڊ مان غريبن مريضن جي علاج لاءِ آيل 7 لک ٻيانوي ھزارمختلف ڪوڙن نالن سان پرچو ڪڍي مريضن جي علاج واري رقم نصيرآٻاد جي ميڊيڪل اسٽورمالڪ گلزارعلي شيخ کان ڪيش جي صورت ۾وٺي وڏوغبن ڪيو آھي.ھنن وڌيڪ چيوته نصيرآباد جي زڪوات چيئرمين ارباب علي جھتيال جعلي اسڪول ڏيکاري جعلي شاگردن جي نالن سان 2 لک 34 ھزار نيشنل بيئنڪ نصيرآباد مان ڪڍرائي فراڊ ڪيو آھي ھنن وڌيڪ ٽن ڪوڙن نالن سان ڏاج فارم ڀري ضلع زڪوات چيئرمين کان 30 ھزار وٺي پاڻ حضم ڪيا آھن.
ھنن وڌيڪ چيو ته دوائن جي فنڊ۽ شاگردن جي اسڪالرجي رقم ۽ ڏاج فارم واري ورتل رقمن ۾ تعلقي چيئرمين اسان کي اعتماد ۾ نه ورتو ھيو ۽ نه وري اھڙن پرچن تي اسان جون صحيون ٿيل آھن ھنن اعلي اختيارين کان توڙي اينٽي ڪرپشن ضلعي قمبر شھدادڪوٽجي سرڪل آفيسر کان گھر ڪئي آھي ته ان جي مڪمل تور تي انڪواري ڪرائي وڃي ته جيئن غرابن مستحقن مريضن جي رقم تعلقي چيئرمين کان واپس ڪرائي وڃي

Author: editor

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *