لاڙڪاڻي جي پاپوليشن کاتي جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ آفيس ۾ ڪم ڇڏ هڙتال

ميونسپل ڪارپوريشن جي ملازمن طرفان ٽن مهينن کان رهيل پگهارن ۽ مختلف ماڻهن طرفان پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج

ڳوٺ گلاب ڀٽو جي رهواسي ضمير حسين ڀٽو طرفان نوڪري نه ملڻ خلاف ڪالهه به پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي

لاڙڪاڻو (بيورو) لاڙڪاڻي جي پاپوليشن کاتي جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ آفيس ۾ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پيرل دايو، صفدر سومرو، عبدالوهاب مغيري ۽ ٻين چيو ته جيستائين ٻين صوبن جيان سنڌ جي ملازمن جا به گريڊ هڪ جهڙا ۽ اپگريڊ ڪري ٽائيم اسڪيل ۽ سوشل ميل موبلائيزرن کي اسڪيل ڏئي ريگيولر نه ڪيو ويندو تيستائين احتجاج جاري رهندو.هوڏانهن مختلف ماڻهن طرفان پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج جاري آهي. ان ڏس ۾ ميونسپل ڪارپوريشن جي ملازمن طرفان ٽن مهينن کان رهيل پگهارون نه ملڻ خلاف پنجين ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي راحب عباسي، نعيم اختر ڪلهوڙو، بدرالدين سولنگي، صابر حسين ابڙو ۽ ٻين چيو ته جيستائين اسان جا مطالبا نه مڃيا ويندا تيستائين احتجاج جاري رهندو. ڳوٺ گلاب ڀٽو جي رهواسي ضمير حسين ڀٽو طرفان نوڪري نه ملڻ خلاف ڪالهه به پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي.هن چيو ته جيستائين نوڪري نه ڏني ويندي تيستائين احتجاج جاري رهندو.

هوڏانهن صديق آباد جي رهواسي حبيب الله شيخ پڻ نوڪري نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج جاري رکندي نوڪري ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. ٻئي طرف نئون ديرو چوڪ جي رهواسي معذور ڪرم علي سيال طرفان مالي مدد لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي ٻڌايو ته معذور آهيان ۽ مون کي ٻه ڀينر ۽ هڪ ماءُ آهي. ڀينرن جي شاديءَ لاءِ ڏاج جا پئسا ڪونه آهن. خدارا مدد ڪئي وڃي ته جيئن پنهنجي ڀينرن جي شادي ڪرائي سگهان.

Author: editor

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *