عوام جي اسرار تي تحريڪ انصاف م شموليت ڪئي آهي، باضابطه اعلان عمران خان جي جلسي ۾ ڪيو ويندو؛عدنان انڙ/ غلام عمر انڙ

ڏوڪري(رپورٽر) 21 نومبر جي جلسي ڪامياب ڪرڻ لاءِ عدنان انڙ ۽ غلام عمر انڙ جا ڏوڪري باقراڻي تعلقن جي مختلف علائقن جا دورا، عوام پاران ڀرپور موٽ. تفصيل مطابق تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي 21 نومبر تي لاڙڪاڻي علي آباد ۾ رٿيل جلسي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ انڙ خاندان جي عدنان الطاف انڙ، غلام عمر انڙ ۽ ٻين طرفان ڏوڪري ۽ باقراڻي تعلقن جي ڏوڪري، ڏيرا ڳوٺ، وڪڙو، بگي، ڪاراڻي، سيهڙ اسٽيشن ۽ ٻين علائقن جا دورا ڪيا. ڏوڪري لڳ ڳوٺ ڏيرا ۾ تحريڪ انصاف جي جلسي کي ڪامياب بنائڻ لاءِ سيد غلام شاه درگاه جي گادي نشين سيد ڪوڙل شاه لڪياري جي دعوت تي تحريڪ انصاف جا اڳواڻ عدنان خان انڙ،غلام عمر خان انڙ . بدرالدين ساريو، فاروق جتوئي ۽ ٻين جي پهچڻ تي سندن جو گلن جي ورکا سان شاندار استقبال ڪيو. تقريب کي آجياڻو ڏيندي غلام شاه درگاه جي گادي نشين سيد ڪوڙل شاه لڪياري چيو ته عمران خان جي 21 نومبر تي ٿيندڙ علي آباد جي جلسي ۾ عوام ڀرپور شرڪت ڪندو. تقريب کي خطاب ڪندي تحريڪ انصاف جي اڳواڻن غلام عمر خان انڙ، عدنان خان انڙ ۽ ٻين چيو ته عوام جي اسرار تي تحريڪ انصاف م شموليت ڪئي آهي، باضابطه اعلان عمران خان جي جلسي ۾ ڪيو ويندو. هن چيو ته انڙ خاندان کي ختم ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندڙ ڪن کولي ٻڌي ڇڏين ته انڙ خاندان کي ڪوبه ختم نه ٿو ڪري سگهي. انڙ خاندان متحد آهي. هن چيو ته 21 نومبر تي ٿيندڙ تاريخي جلسي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ عوام وڌ ۾ وڌ شرڪت ڪري. ان موقعي تي مظهر گلال، عطا محمد ڀان، مظفر خان انڙ، محبوب پنهور ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *