سوشل ميڊيا تي گوسڙو ماسترن ۽ بند پيل اسڪولن خلاف هلايل مهم ڏوڪري تعلقي ۾ شدت اختيار ڪري وئي

ڏوڪري(رپورٽر)سوشل ميڊيا تي گوسڙو ماسترن ۽ بند پيل اسڪولن خلاف هلايل مهم ڏوڪري تعلقي ۾ شدت اختيار ڪري وئي، ايس يو پي تعلقه ڏوڪري جي سڏ تي ايس يو پي، جسقم، جست ۽ شهرين طرفان گوسڙو ماسترن خلاف صابر جروار، الطاف ٻگهيو، ديشي شبير جتوئي، رڪ سنڌي جي اڳواڻي ۾ ڪيترن ئي شهرين، اسڪولي شاگردن ۽ شاگردياڻين بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ٽائون هال ۾ 4 ڪلاڪ علامتي بک هڙتال ڪري ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو ۽ گوسڙو ماسترن خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي تعليم کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو آهي، جنهن جا ذميوار گوسڙو ماستر به آهن. هنن چيو ته ڏوڪري تعلقي جا ڪيترائي پرائمري اسڪول بند پيل آهن ۽ گوسڙو ماستر صحافت ۽ ٻين ڌنڌن ۾ هئڻ ڪري معصوم زندگيون تباهه ٿي رهيون آهن، جنهن تي خاموشي اختيار ڪرڻ ڏوهه برابر آهي. هنن وڏي وزير، گورنر، تعليم جي وزير ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته گوسڙو ماستر صحافين خلاف قانوني قدم کڻي کين نوڪرين تان برطرف ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *