روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل روشن تارا اسڪول جي نائين ڪلاس جي شاگرد ارسلان مڱڻ جو ٽيجهو ٿي گذريو

ملير(ڊ ر) روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل روشن تارا اسڪول جي نائين ڪلاس جي شاگرد ارسلان مڱڻ جو ٽيجهو، ارسلان مڱڻ جي بي وقتائتي وڇوڙي تي شاگرد استاد ۽ وارث سوڳ وار بڻيل، کيس لفظن جي ڀيٽا. خبر موجب گلشن حديد جي رهواسي روشن تارا اسڪول جي نائين ڪلاس جي شاگرد ارسلان خان مڱڻ جو اوچتي روڊ حادثي ۾ فوت ٿي وڃڻ تي سندس دوست اسڪول جا استاد، شاگرد ۽ وارث اڃا تائين سوڳوار بڻيل آهن. گلشن حديد ۾ ارسلان مڱڻ جو ٽيجهو ٿيو، روشن تارا اسڪول جي استادن ۽ سگا اڳواڻ خادم حسين ڪانڌڙو، اعجاز سومرو، ميڊم زهرا ميراڻي، ميڊم زويا ڪيريو، ميڊم شائستا زاهد، ميڊم مريم، ميڊم صبيحا رحيم، ميڊم پارس ۽ ٻين چيو ته ارسلان خان مڱڻ جي اوچتي وڇوڙي اسان جو جيءُ جهوري ڇڏيو آهي. هو هڪ تمام هوشيار ۽ ذهين شاگرد هو جيڪو استادن ۽ شاگردن جي تمام گهڻي عزت ڪندو هو. روڊ حادثي ۾ وڇڙي ويل ارسلان مڱڻ جو خال ڪير به پورو نه ٿو ڪري سگهي. هنن چيو ته ارسلان خان اسڪول ۾ سمورن استادن ۽ شاگردن جي تمام گهڻي عزت ۽ احترام ڪندو هو. هو گلاب جي گل جيان اسان کي پيارو لڳندو هو. ارسلان مڱڻ جهڙا شاگرد صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. هن کي پنهنجي وطن، ماءُ پيءُ،دوستن عزيز، شاگردن ۽ استادن سان وڏو پيار هو اسان ارسلان خان کي پنهنجو قومي هيرو سمجهون ٿا جيڪو وقت کان اڳ اسان کان وڇڙي ويو. ان جون يادگيريون سدائين اسان جي دلين ۾ رهنديون. خدا تعاليٰ وارثن کي صبر جميل توفيق عطا فرمائي ۽ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *