دادو: نيشنل بئنڪ اندر پرائمري استاد جا هڪ لک روپيا نڪري ويا، ماستر جا مٿي تي هٿ

دادو(ڊ.ر) دادو ۾ پهرين تاريخن ۾ نيشنل بئنڪ اندر پگهارون وصول ڪندڙن سرڪاري ملازمن جا کيسا ڪٽجي وڃن ٿا دادو نيشنل بنئڪ ۾پرائمري استاد جي کيسي مان هڪ لک رپيا نڪري ويا استاد جا مٿي تي هٿ نيشنل بئنڪ دادو برانچ مان جيب ڪترو پرائمري استاد شاهد منگي جي کيسي مان هڪ لک روپيا ڪڍي ويو، ياد رهي ته گذريل مهيني پڻ هڪ پرائمري استاد جا 80 هزار نڪري ويا ها پرائمري استادن ميڊيا اڳيان الزام هڻندي صحافين آڏو دانهيو ته نيشنل بئنڪ مينيجر صادق لاکير آپريشن مينيجر ممتاز ميمڻ بنئڪ جي تحفظ لاءِ مقرر ٿيل پوليس گارڊ اعظم پنهور ۽ ٻيا بنئڪ انتظاميا جيب ڪترن سان ملوث آهن ڇو ته دادو نيشنل بنئڪ ۾ سي سي ٽي وي ڪيميئرا موجود هئڻ باوجود اڄ ڏينهن تائين هڪ به جيب ڪتري کي پوليس انتظاميا گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام آهي هنن دادو جي چونڊيل نمائندن ريجنل بئنڪ مينيجر لاڙڪاڻو ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ته کيس جا پئسه واپس ڪرائي ملوث ماڻهن خلاف اعليٰ سطحي جانچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ هو عدالت جو دروازو کڙڪائيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *