دادو ريلوي اسٽيشن تي 90ٿيل ترقياتي ڪم ۾ ناقص مٽيريل جو استعمال، 90 هڙپ، يونين پول پڌرا ڪري ڇڏيا

دادو(رپورٽ اصغر ملاح) دادو ريلوي اسٽيشن جي مرمت ۽ رنگ روغن لاءِ 90 لک   هڙپ ٿي ويا، ڪيل تعميراتي ڪم ۾ به ناقص مٽيرل جو استعمال ڪيو ويو، نااهل ٺيڪيدار ٺيڪي جي رقم مان 25 سيڪڙو جو به ڪم ن ڪ ڪرايو، سموري رقم هڙپ ٿي وئي، ڪرپشن سبب دادو جي ريلوي اسٽيشن جي پيليٽ فارم جو سي سي بلاڪ هنڌا هنڌا اکڙي ويو ، پيليٽ فارم جي سي سي بلاڪ ۾ ڏار پئجي ويا، جڏهن ڊرينج جي نظام ۾ پراڻا پائيپ لڳائي سامهون نئين لوهي ڄاري لڳائي ڏسيو ويو ته نئون تعمير ڪيو آهي، ٺيڪيدار جي وڃڻ بعد اهو به تباهه ٿيل مليو، تفصيل موجب: ريلوي محنت ڪش يونين ڪراچي ڊويزن جو چئيرمين عبدل مجيد سولنگي ڪراچي ڊويزنل صدر فقير گلزار هيسباڻي ريلوي محنت ڪش يونين دادو زون جو صدر جاويد علي سولنگي جنرل سيڪريٽري اظهر حيسن ڀٽي ۽ ٻين دانهيندي ٻڌايو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت واري واقعي ۾ ريلوي اسٽيشن کي مڇريل ماڻهن سخت نقصان پهچايو هو، ان واقعي ۾ ريلوي اسٽيشن جو شيڊ ٽٽل آهي ان جي مرمت نه ڪئي وئي آهي پاڻي جي ٽائنڪي اڳيان سي سي بلاڪ ۾ ڏارون پئي ويون آهن، يونين اڳواڻن جو چوڻ آهي ته هن نئين سي سي بلاڪ کان ته پراڻو سي سي بلاڪ بهتر هيو، نئون سي سي بلاڪ ائين لڳي رهيو آهي ڄڻ 50 سال اڳ سي سي بلاڪ پيو هجي، دادو ريلوي اسٽيشن مرمت جو ڪم بلڪل صحيح نه ڪيو ويو آهي ان ۾ ناقص مٽيرل استعمال ڪيوويو آهي ان ۾ نه رڳو ٺيڪيدار ملوث آهي پر ريلوي انجينئرنگ کاتي جا آفيسر به ملوث آهي دادو جي عوام ريلوي جي ملازمن سان ناانصافي ڪئي وئي آهي ان خلاف جنرل مينيجر ڊي ايس ريلوي ڪراچي ۽ ٻين ڪامورن وٽ دانهڻ سميت پريس ڪانفرنسون ۽ لکت ۾ درخواستون ڪيون آهن ته دادو ريلوي اسٽيشن جي مرمت واري ڪم ۾ ناقص مٽيريل جو استعمال ٿيل آهي، دادو ريلوي اسٽيشن جي 90 لک جي مرمت واري ڪم ۾ ٿيل ڪرپشن جي جانچ ڪئي وڃي هن چيو ته ريلوي جي ڪامورن ريلوي کاتي سان غداري ڪئي آهي آءِ اپيل ڪيا ٿو اعليٰ اختيارين کي دادو ريلوي اسٽيشن جي واهر ڪئي وڃي.

 

ريلوي اسپتال ۾ به 60 ڪي جي بجاءِ 40 ڪي جي لوهه استعمال ڪيو ويو، آهي، صدر ۽ وزير اعظم نوٽيس وٺي ريلوي کاتي سان انصاف ڪن: يونين جو مطالبو

دادو: دادو جي ريلوي اسپتال ۾ جيڪو لوهه استعمال ڪيو ويو آهي 60 ڪي جي استعمال ڪرڻ کپي ها هنن ملي ڀڳت ڪري 40 ڪي جي لوههاستعمال ڪيو آهي اسان مطالبو ڪيو ٿا ته صدر پاڪستان وزير اعظم پاڪستان ريلوي جي وزير کان ته ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن عملي کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ته اهو ئي عوام ريلوي ملازمن سان انصاف هوندو ريلوي اسٽيشن جي 90 لک جي مرمت واري ڪم ڪرپشن ڪندڙن خلاف سخت کان سخت قدم کنيا وڃن.

بڪنگ ڪلارڪ موسيٰ قريشي به رشوت جي بازار گرم ڪري ڇڏي

دادو: ريلوي اسٽيشن جي بڪنگ ڪلارڪ محمد موسيٰ قريشي ۽ ٻين رشوت جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي موٽرسائيڪل هجي يا ٻيو سامان بڪنگ جي رقم کان وڌيڪ اڳاڙين ٿا عوام جي ٻنهي هٿن سان کلهه لاٿي وڃي ٿي ريلوي اسٽيشن جا بڪنگ ڪلارڪ ۽ عملو ويزا تي ڇڏيو ويو آهي جانچ ڪئي وڃي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *