بينظيرانڪم سپورٽ پروگرام جي قسط پھچڻ شرط بينڪن پاران اي ٽي ايم مشيون بند ڪري ڇڏيو

پري پري جي علائقن مان آيل مصتحق عورتون پريشان ٿيڻ لڳويون، عورتون پاران بينڪ عملي خلاف نعريبازي
بينڪ عملي پنھنجا ايجينٽ مقرر ڪرائي ڇڏيا آھن اھي اسان کان ڳري رشوت گھري رھياآھن: عورتن جو الزام

نصيرآباد(رپورٽر )بينظيرانڪم سپورٽ پروگرام جي قسط پھچڻ شرط بينڪن پاران اي ٽي ايم مشيون بند ڪري ڇڏيو خبرموجب؛بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قسط پھچڻ شرط نصيرآباد جي بينڪن پاران اي ٽي ايم مشيون بند ڪري ڇڏيوجنھن جي ڪري پري پري جي علائقن مان آيل مصتحقن عورتون پريشان ٿيڻ لڳويون عورتون بينڪ عملي خلاف نعريبازي ڪئي ان موقعي تي مائي شريفان، خانزادي، ارباب خاتون۽ ٻين چيو ته بينڪ عملو رشوت گھري رھيو آھي نه ڏيڻ ته اي ٽي ايم مشيون بند ڪري ڇڏيون آھن ۽ اسان جي تذليل ڪئي پئي وڃي ھنن بينڪ عملو خلاف اعليٰ اختيارين کان جاچ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آخر اي ٽي ايم مشينن ڇو بند ڪرائيون ٿيو وڃن ھنن وڌيڪ چيو ته بينڪ عملو پنھنجا ايجينٽ مقرر ڪرائي ڇڏيا آھن اھي اسان کان ڳري رشوت گھري رھياآھن

Author: editor

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *