آر آر آءِ ڏوڪري پاڪستان ۾ سارين جي تحقيق جو بهترين ادارو آهي؛ سارنگيا اڳواڻ

ڏوڪري(رپورٽر)سارنگيا جي مرڪزي اڳواڻن چيو آهي ته آر آر آءِ ڏوڪري پاڪستان ۾ سارين جي تحقيق جو بهترين ادارو آهي، جنهن ملڪ ۾ ايري 6 چانورن جهڙيون جنسون ڏئي زرعي انقلاب آندو. نيشنل پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ ايگريڪلچر ريسرچ نان گزيٽيڊ يونين جي مرڪزي نائب صدر رستم جتوئي، آر آر آءِ اڳواڻن وزير نائچ ۽ سرفراز جتوئي سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته چانورن جو تحقيقاتي ادارو ڏوڪري بهتر نموني ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن شر پسند عنصر ڊائريڪٽر ۽ ٻين کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ اداري جي منفي پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته ڊائريڪٽر نور محمد بلوچ جي سربراهي ۾ اداري جا سائنسدان ٿوري پاڻي تي ساريالي جنس تي ڪم ڪري ملڪ ۾ زرعي تبديلي آڻي رهيا آهن، جن جي حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي. هنن چيو ته آر آر آءِ ڏوڪري ملڪي معيشيت ۾ ريڙه جي هڏي وارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جنهن کي بند ڪري پنجاب منتقل ڪرڻ جي سازش ڪنهن صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *