ڪراچي؛ شاگردن پاران سنڌي شاگرد سٿ جي ٻئي سالگره وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي

ڪراچي(پ_ر) سنڌي شاگرد سٿ ڪراچي يونيورسٽي ڪراچي يونيورسٽي ۾ اڄ سنڌي شاگرد سٿ پاران سنڌي شاگرد سٿ جي ٻئي سالگره وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي. جنهن ۾ شاگردن پاران ميرين بيالوجي پارڪ ۾ وڏي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ وڏي انگ ۾ شاگردن ۽ شاگرياڻين شرڪت ڪئي ۽ سالگره جو ڪيڪ ڪٽيو ويو. تقريب جو شروعات انعام جتوئي جي سريلي آواز ۾ شاه سائين جي وائي سان ڪئي وئي. ان موقعي تي شاگرد اڳواڻن معيد ابڙو، اياز ڪمبوه، اشفاق سبزوئي، لجپت راءِ، نصير جوڪهيو، عمران ڏيرو، وزير سنڌي، سعيد شر ويچار ونڊيندي چيو ته مادر علمي ۾ سنڌي شاگردن جي رهنمائي ۽ سندن تعليمي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ٻه سال اڳ هڪ سماجي، ثقافتي ۽ تعليمي سٿ جوڙيو ويو هيو. جنهن پليٽ فارم تحت لڳاتار به سال سنڌي شاگردن جي رهنمائي، سنڌ جا ثقافتي ڏيهارا ملهائڻ، تعليمي سيمينارز ڪرائڻ جهڙا عظيم ڪم وڏي جوش ۽ جذبي سان سر انجام ڏيندي رهي آهي. ۽ اڄ سالگره جي موقعي تي شاگردن پاران اهو عظم ڪيو ويو ته آئينده به سنڌي شاگردن جي خدمت جو ڪم جاري رکندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *