سنڌي شاگرد سٿ پاران ڪراچي يونيورسٽي ۾ ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويو

ڪراچي(پ ر)ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شاگرد سٿ، سنڌي شاگردن جي تعليمي معاملن جي حل کان سواءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ جهڙي اوپري ماحول ۾ سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. گذريل ڏينهن 4 ڊسمبر 2014ع تي سٿ پاران يونيورسٽيءَ ۾ ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويو، جنهن تحت ثقافتي لباس ۾ ملبوس شاگردن بيحد سادگيءَ سان ثقافتي ريلي ڪڍي. جيڪا ميرين بايولاجي پارڪ 10815397_764816620220583_776613027_oکان شروع ٿي، مختلف ڊپارٽمينٽ زولاجي، فارميسي، انٽرنيشنال ريليشنشپس، سنڌي جو گشت ڪندي اڊمسٽريشن بلاڪ کان ٿيندي ڪراچي يونيورسٽي جي مين گيٽ گولڊن جوبلي گيٽ‌ تي اختتام پذير ٿي وئي۔ ريلي جي شروعات کان اول ثقافتي مهفل ڪئي وئي، جنهن ۾ شاه لطيف جي وائي محمد بخش پنهنجي سريلي آواز ۾ پيش ڪئي، اسد ڪريم ۽ شاهد راجپر قومي گيت پيش ڪيا. سنڌي شاگرد سٿ جي اگواڻن اياز ڪمبوه، لجپت راءِ، اشفاق سبزوئي، معيد ابڙو، وزير سنڌي، سعيد شر، الطاف ناريجو ۽ ماجد جروار پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اسان کي پنهنجي ثقافت تي ناز آهي، هر سال جيئان هن سال به يونيورسٽي ۾ ثقافتي واڪ ڪري تمام سٺو لڳي رهيو آهي. سماجي اڳواڻ احمد سومري چيو ته ڏک ۽ سک انفرادي ۽ قومي زندگيءَ جو حصو آهن. زنده قوم اُها آهي، جيڪا ڏک توڻي سک ۾ ثابت قدم ۽ متحد رهي. ريلي ۾ مختلف ڊپارٽمينٽز جا شاگرد ۽‌ شاگردياڻِون ثقافتي ويس پهري شريڪ ٿيون.

 10822027_764816593553919_1120505297_o

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *