ڏوڪري لڳ ميلي ۾عورتن سان ڇيڙ ڇاڙ، منع ڪرڻ تي درگاهه جي متولي سميت 3 زخمي، پوليس به الٽو زخمن مٿان ڪيس داخل ڪري ورتو

ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ويجهو ميلي ۾ ڇيڙ ڇاڙ کان منح ڪرڻ تان هٿياربندن جو حملو، متولي سميت 3 ڄڻا زخمي، ويهڙ پوليس الٽو زخمين تي ڪيس داخل ڪري ورتو. ڏوڪري جي ڪچي واري ويهڙ ٿاڻي جي حد ڳوٺ راوت کيڙو ۾ درگاهه عطا محمد شاهه جي ميلي ۾ موت جي کوهه جي عورتن سان ڇيڙ ڇاڙ کان منح ڪرڻ تان هٿياربندن چڙهائي ڪري درگاهه جي متولي فقير روشن کيڙو سميت 3 ڄڻن گلزار کيڙو ۽ عثمان کيڙو کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا. واقعي جو اطلاع ملڻ بعد ويهڙ پوليس زخمين کي کڻائي تعلقه اسپتال ڏوڪري داخل ڪرايو. ان موقعي تي صحافين اڳيان دانهيندي درگاهه جي متولي فقير روشن کيڙو چيو ته اڳوڻي ايس ايڇ او رفيق کيڙو ۽ اي ايس آءِ رزاق کيڙو بدنام ڌاڙيل احمد علي کيڙو ۽ ٻين هٿياربندن سان گڏجي ميلي ۾ موت جي کوهه جي عورتن سان ڇيڙ ڇاڙ ڪئي، ايس ايڇ او ويهڙ کي شڪايت ڪرڻ تي هٿياربندن مٿس حملو ڪري کين زخمي ڪيو آهي. هن دانهيندي چيو ته ويهڙ پوليس سندس ڪيس وٺڻ کان انڪار ڪندي الٽو حملو ڪندڙن جو مٿس ڪيس داخل ڪري ظلم ڪيو آهي. هن وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته درگاهه تي حملو ڪري فقيرن کي زخمي ڪندڙ جوابدارن کي بنا دير گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *