ڏوڪري؛ جسمم اڳواڻ شڪيل کونهارو جي قتل خلاف شٽر بند ڦيٿا روڪ هڙتال، ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا

ڏوڪري(رپورٽر) جسمم جساف اڳواڻ ۽ سنڌ يونيورسٽي جي سوشيالوجي ڊپارٽمينٽ جي شاگرد شڪيل کونهاروجي قتل خلاف قومپرست اتحاد جي سڏ تي ڏوڪري ۾ شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي وئي. هڙتال سبب ڏوڪري شهر جي شاهي بازار، ريشم بازار، ٽلو بازار، حيدر بازار سميت ٻيا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور تي بند رهيا، جڏهن ته پوليس جي وڏي تعداد ۾ اضافي نفري پڻ مقرر ڪئي وئي. قومي ڪارڪنن رڪ سنڌي، ارشاد ٻگهيو، عثمان جيسر، صابر جروار، رياض جتوئي، ڪامريڊ شبن جتوئي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ٽائون هال کان ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو ۽ قومي ڪارڪنن جي قتل خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي قومي ڪارڪنن ۽ ڏوڪري پوليس ۾ سخت چڪريون پڻ ٿيون. ٻئي طرف قومي ڪارڪنن حيدر چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي قومي ڪارڪنن چيو ته شڪيل کونهارو جو قتل رياستي ڏاڍ ۽ جبر آهي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. هنن گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جي قومي ڪارڪنن جي قتل جو نوٽيس وٺي کين انصاف مهيا ڪيو وڃي. ياد رهي ته عيد واري ڏينهن باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ ڪريم ڏنو کونهارو مان جسمم اڳواڻ شڪيل کونهارو کي گرفتار ڪيو ويو، 5 ڏينهن کان وارثن طرفان بازيابي لاءِ مسلسل احتجاج جاري هيو، ڪالهه ڪراچي جي پپري واري علائقي مان سندس تشدد ٿيل لاش هٿ آيو هو. هوڏانهن شڪيل کونهاري جي سوڳ ۾ وڪڙو، ٻلهڙيجي، بخش جتوئي، ڪريم ڏنو کونهارو ۽ ڏوڪري ٽائون هال ۾ قومپرست ڌرين طرفان تڏا وڇايا ويا آهن. ٻئي طرف جسمم جساف اڳواڻ شڪيل کونهارو جو لاش جناح اسپتال انتظاميا پوليس جي ڪارروائي بعد لاش سندس پيءُ گل محمد کونهارو ۽ ڀيڻيوي شڪيل ڪلهوڙي حوالي ڪري ڇڏيو. جنهن بعد شڪيل کونهاري جو لاش سندس وارث ڪراچي کان ايمبولنس ذريعي ڳوٺ ڪريم ڏنو کونهارو لاءِ روانا ٿي ويا آهن. اهڙي تصديق ميڊيا سان ڳالهائيندي شڪيل کونهاري جي ڀيڻيوي شڪيل ڪلهوڙي ڪئي آهي. ٻئي طرف شڪيل کونهاري جا مائٽ، دوست ۽ قومي ڪارڪن قافلي جي صورت ۾ ڳوٺ ڪريم ڏنو کونهارو پهچڻ جو سلسلو جاري آهي، جتي سندس جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد کيس سن ۾ سائين جي ايم سيد جي مزار ڀرسان دفن ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *