ٽائون آفيسر جي نااهلي ۽ لاپرواهي سبب ڦلجي شهر ڌپ جو مرڪز بڻجي ويو. ڪروڙين روپين جي مشينري ناڪارا، شهرين جون دانهون بڻجي وئي

Picture5دادو(رپورٽ اصغر ملاح ) ڦلجي ٽائون آفيسر جي بي ڌياني لاپرواهي سبب ڦلجي شهر ۾ صفائي نه ٿيڻ ڪري سڄوشهر بدبو دار بڻجي ويو ڪروڙين روپين جو ڊرينيج سسٽم ناڪاره بڻجي ويو گٽرن جو پاڻي روڊن مٿان وهڻ لڳو شهرين جو اچڻ وڃڻ تمام ڏکيو بڻجي ويو نالين جو پاڻي شهر جي صادق آباد محلا آرائين محلا ڏاوڇ لنڪ روڊ ۽ ٻين پاڙن ۾گندگي جو آزار آهي گندي پاڻي جي نيڪال جي نالي نه هئڻ جي ڪري گهرن جو گندو پاڻي روڊن تي بيهجي وڃي ٿو دڪاندارن دانهيو ته گنديپاڻي جي نيڪال نالي نه هئڻ سبب گندو پاڻي بيهي ٿو، اسان جو ڪاروبار پڻ متاثر ٿئي ٿو، اسان ڪيترائي ڀيرا ڦلجي ٽائون آفيسر اڳيان دانهيو آهي.

 

ڦلجي دادو ميونسپل جي سب آفيس آهي، 13 ماڻهن تي ٻڌل عملو آهي، فنڊن جي کوٽ سبب مسئلا وڌي رهيا آهن: ٽائون آفيسر

دادو: ميڊيا پاران رابطو ڪرڻ تي ٽائون آفيسر ڦلجي نظير احمد ڏهيو ٻڌايو ڦلجي شهر دادو ميونسپل جي سب آفيس آهي جتي 13 ماڻهن جو عملو موجود آهي پوءِ به ٻن ٽن محلن کانسواءِ ڦلجي شهر جي صفائي دادو شهر کان وڌيڪ بهتر آهي هن چيو ته آءِ ڦلجي شهر سميت پيارو ڳوٺ رڪڻ ۾ صفائي سٿرائي جو نظام بهتر ڪرڻ لاءِ عملي سميت پهچندو آهيان، مون کي سرڪار فنڊن ۽ عملي جي سخت ضرورت آهي هن چيو ته ڊيزل مشين خراب ٿي وئي، جنهن کي 6 هزار روپين عيوض درست ڪرائي جنهن جا اڄ ڏينهن تائين پئسا نه مليا آهن دادو ميونسپل پاران ٽئين چوٿين ڏينهن 20 کان 30 ليٽر ٻن ميشينن لاءِ ملندو آهي جيڪو هر وقت گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ هلنديون آهن، ڇو ته ڦلجي ۾ لوڊشيڊنگ جو آزار آهي لوڊشيڊنگ سبب ٻن مشينن جو تيل به پورو نه ٿو ٿئي منهنجي ڦلجي جي آفيس جو حال ڏسي اندازو ڪيو ته مون کي دادو ميونسپل چيف آفيسر وٽا ڪيتري بجيٽ ملندي آهي اهو اوهان کي دادو ميونسپل جي آڪائونٽ برانج مان معلوم ٿي ويندو. هن الزام هڻدي چيو ته دادو ميونسپل جو اسٽو ڪيپر رميش ڪمار پير پنڌ هلندڙ هو، هاڻي هونڊا سٽي ڪار ۾ سفر ڪري ٿو، جڏهن ته دادو شهر جي ريشم گلي ۾ پراپرٽي خريد ڪئي اٿس آءِ ڦلجي شهر جو ٽائون آفيسر آهيان موٽر سائيڪل به خريد نه ٿو ڪري سگهان، خبر نه آهي اسٽو ڪيپر رميش ڪمار ۾ ڪهڙا گر آهن جو گذريل ڪيترن ئي سالن کان ميونسپل جي تاريخ ۾ ڪهڙو به ميونسپل آفيسر هجي اسٽو ڪيپر رميش ڪمار ان جو خاص دوست بڻجي ويندو آهي هن الزام هيو ته واٽر سپلاءِ جا موٽر اسٽريٽ لائٽ گاڏين جي رپئير ڊرينيج ۽ سينيٽري جي سامان جي خريداري سميت ٻيو ڪاروهواهه اسٽو ڪيپر رميش ڪمار سالن کان هلائي رهيو آهي هن مطالبو ڪيو ته اسٽو ڪيپر رميش ڪمار جي ڪرپشن جي جانچ ڪرائي وڃي اڇا ڪارا ظاهر ٿي ويندا،

 

شهر جي سياسي، سماجي، ۽ شهري تنظيمن پاران ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪري ٽائون آفيسر وٽ ويا پر ڪو به کڙ تيل نه پيو نڪري: جسقم اڳواڻ لالا ظهير سومرو

دادو: جسقم اڳواڻ ڦلجي اسٽيشن لالا ظهير سومرو ميڊيا کي ٻڌايو ته ۽ شهر جي سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين گندگي خلاف ڪيترائيڀيرا احتجاج ڪري ٽائون آفيسر وٽ ويا آهيون ۽ چونڊيل نمائدن سميت وس وارن کي احتجاج ڪري وقت به وقت اپيل ڪندا رهيا آهيو ته ڦلجي شهرين جا جائز مسئلا بنا ديرحل ڪيا وڃن پر وريو ڪجهه به نه آهي ساڳيان لاٽو ساڳيان چڳهه واري ڪار لڳي پئي آهي ڪو ٻڌڻ وارو نه آهي هن مطالبو ڪيو ڦلجي شهر جي ڊرينيج جي نظام کي درست ڪيو وڃي نه ته اسين شهرين سان گڏجي روڊن تي نڪري اينداسين.

 

ڪرپشن جا الزام ڪوڙا آهن، ڪا به ڪرپشن ناهي ڪئي: اسٽور ڪيپر

دادو: ميڊيا پاران اسٽو ڪيپر رميش ڪمار سان رابطو ڪيو ويو ته هن ٻڌايو ڪرپشن جا الزام رڳو الزام آهن مون ڪرپشن نه ڪئي آهي باقي پنهنجا فرائض ايمانداري ۽ جستجو سان سالن کان نڀائيندو رهيو آهن اهو ئي سبب آهي آفيسر منهنجي بهتر ڪارڪردگي ڏسي پسند ڪندا آهن ٻين کي به گهرجي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪن ته اهي به آفيسرن جا خاص دوست بڻجي ويندا باقي بل وغيره اڪائونٽ برانچ جي ذمي آهن ڦلجي جي بجيٽ انهن کي خبر آهي هن چيو ته ڪرپشن جي الزامن جي جانچ ڪرائي وڃي ته خبر پئجي ويندي، ته ڪنهن ڪرپشن ڪئي آهي .

 

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *