يزيد جي پيروي ڪندڙ ڪڏهن به مظلوم نه ٿا ٿي سگهن، عوام حسينيت جي پوئلڳن سان گڏ آهي؛ شفقت انڙ

ڏوڪري(رپورٽر) پي ٽي آءِ اڳواڻ شفقت حسين انڙ چيو آهي ته 21 نومبر تي لاڙڪاڻي واري جلسي ۾ عوامي سمنڊ هوندو، پ پ لاڙڪاڻي مان پنهنجي تڏا ويڙهه ڏسي بوکلائجي وئي آهي. عمران خان سنڌ جي نوجوانن لاءِ فيورٽ بڻجي ويو آهي، عوام کيس ڀرپور موٽ ڏئي رهيو آهي. ڏوڪري ويجهو علي آباد ۾ 21 نومبر تي عمران خان جي جلسي لاءِ تيارين جي سلسلي ۾ ڏوڪري ۽ باقراڻي تعلقن جي معززن جي ڪوٺايل ميڙاڪي کي خطاب ڪندي انڙ خاندان جي سرواڻ شفقت حسين انڙ چيو ته يزيد جي پيروي ڪندڙ ڪڏهن به مظلوم نه ٿا ٿي سگهن، عوام حسينيت جي پوئلڳن سان گڏ آهي، 21 نومبر ثابت ڪندو ته يزيديت کي شڪست اچي چڪي آهي. اسٽيل ملز جي اڳوڻي جي ايم سيد قوت علي شاهه جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته عمران خان جي قيادت ۾ نئون تعمير ٿيندڙ پاڪستان عوام جي خواهشن موجب هوندو، لوڪل گورنمينٽ جا فنڊ هڙپ ڪندڙ ڪڏهن به مظلوم نه ٿا ٿي سگهن. هن چيو ته شهيد ڀٽو کان پوءِ سنڌ ۾ قيادت جو فقدان هئو، جنهن کي تحريڪ انصاف ڀري رهي آهي. هن چيو ته لاڙڪاڻي ضلعي کي هٿ سان وٺي تباهه ڪيو ويو آهي، ميونسپل جا فنڊز عوام تي خرچ ٿيڻ بجاءِ پ پ جا وڏيرا هڙپ ڪري رهيا آهن، جنهن سبب ڏوڪري باقراڻي، رتوديرو سميت سڄو لاڙڪاڻو گٽرن جي پاڻي هيٺ اچي ويو آهي. هن چيو ته نالين جا پئسيا هڙپ ڪندڙ هاڻي تبديلي جو نعرو هڻي رهيا آهن، ڇا ڌانڌلي ڪري چونڊون کٽڻ کي تبديلي چيو ويندو آهي. ان موقعي تي ڏوڪري ۽ باقراڻي جي ابڙا برادري جي چڱن مڙسن نثار ابڙو، ارباب ابڙو ۽ ٻين تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. تقريب کي زيب خان انڙ، سيد نعيم شاهه راشدي، اڳوڻي ناظم شاهد شيخ، وڏيرو منظور سنديلو، اسماعيل سامٽيو، اظهر آريجو، اياز انڙ، فهد علي پٺاڻ ۽ رفيق هليو پڻ خطاب ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *