مٽياري ۾ گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول وٽان شاگردياڻي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام، شهر ۾ خوف ڇانيل

مٽياري(رپورٽر)مٽياري شهر جي وچ ۾ موجود گورنمنٽ گرلز هاءِ اسڪول وٽان ڏينهن ڏٺي جو  12 ورهين جي ستين ڪلاس جي شاگردياڻي صائمه ڌيءَ حسين بخش چنڊ کي اغوا ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش کان پوءِ شهر واسين ۾ خوف جي لهر ڇانيل آهي. شهر واسين ان واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جيستائين اسڪولن ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت نه ڪيا ويندا تيستائين اسان پنهنجا ٻار اسڪول نه ڇڏينداسين. اغوا واري واقعي کان يڪدم پوءِ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري فياض حسين عباس، ايس ايس پي مٽياري امجد شيخ، پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع مٽياري جو صدر سيد پير امير علي شاهه هاشمي، پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع مٽياري جو نائب صدر سيد حسين علي شاهه ڄاموٽ، ڊي ايس پي مٽياري اورنگزيب عباسي گورنمنٽ گرلز هاءِ اسڪول مٽياري پهچي ويا جتي انهن اسڪول جي هيڊمسٽريس آپا شاهين سمون سان ملاقات ڪري ان واقعي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ايس ايس پي مٽياري امجد شيخ چيو ته شهر اندر ٿيندڙ ان واقعي تي ايڪشن ورتو ويو آهي ۽ انشاءَ الله تمام جلد ڏوهارين کي ٽريس ڪري قانون جي ڪٽهري ۾ آندو ويندو. ايس ايس پي مٽياري  امجد شيخ اسڪولن جي سيڪيورٽي جي حوالي سان ٻڌايو ته سڀاڻي کان وٺي مٽياري ضلعي جي اسڪولن جي سيڪيورٽي سخت ڪئي ويندي ۽ اسڪولن ٻاهران ڪنهن به گاڏي يا موٽر سائيڪل کي بيهڻ نه ڏنو ويندو. ايس ايس پي مٽياري امجد شيخ چيو ته جيئن ته هن وقت نفري تمام گهٽ آهي مگر تنهن هوندي به سڀني اسڪولن تي سيڪيورٽي جا جوڳا بندوبست ڪرڻ لاءِ پلان تيار ڪيو ويو آهي ۽ پيٽرولنگ ذريعي به اسڪولن جي نگراني ڪئي ويندي. ايس ايس پي مٽياري والدين کي پڻ هدايت ڪئي ته اهي پنهنجن ٻارن کي خود اسڪول جي گيٽ تائين پهچائين ۽ موڪل وقت به خود موجود رهن. ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع مٽياري جي صدر سيد پير امير علي شاهه هاشمي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شهر اندر ٿيندڙ اهڙن واقعن تي مونکي تمام گهڻي ڳڻتي آهي ۽ آئون ماٺ ڪري ڪونه ويهندس ۽ هن واقعي تي خاص ايڪشن کڻي ڏوهارين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائيندس. هن چيو ته اسڪولن کي سيڪيورٽي جي حوالي سان آئون وزيراعلي سنڌ سان به ملاقات ڪندس. سيد پير امير علي شاهه هاشمي ان موقعي تي اسڪول انتظاميه کي هدايت ڪئي ته اهي شاگردياڻين کي اسڪول مان تيستائين ٻاهر نه ڪڍن جيستائين انهن جو ڪو قريبي مائٽ انهن کي وٺڻ نٿو اچي. ان موقعي تي گورنمنٽ گرلز هاءِ اسڪول مٽياري جي هيڊمسٽريس آپا شاهين سمون چيو ته اسڪول طرفان سيڪيورٽي جي لاءِ درخواست ضلعي انتظاميه ڏانهن روانا ڪري ڇڏي آهي. ٻي طرف پريس ڪلب مٽياري وٽ شاگردياڻي جي اغوا خلاف سندس مائٽن طرفان ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو. جڏهن ته مٽياري ٿاڻي تي ٻن نامعلوم ملزمن خلاف PPC/34/364/A ۽PPC/34/511/A   گناهه نمبر 2 تحت ايف آءِ آر درج ڪئي ويئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *