لاڙڪاڻو ضلعو پي ٽي آءِ جو مضبوط قلعو بڻجي ويو آهي، جنهن جي ديوارن تائين پهچندي پ پ آخري پساهن ۾ هوندي؛شفقت انڙ

ڏوڪري(رپورٽر) پي ٽي آءِ اڳواڻ شفقت حسين انڙ چيو آهي ته 21 نومبر لاڙڪاڻي ضلعي مان پ پ جي خاتمي جو ڏينهن هوندو. قائم علي شاهه ڪن کولي ٻڌي ڇڏي ڪئمپون پٽرائڻ مان ڪجهه حاصل نه ٿيندو، لاڙڪاڻي ضلعي جو عوام پ پ مان بيزار ٿي چڪو آهي، عمران خان جي سونامي ۾ ڪرپٽ سياستدان لڙهي ويندا. ڏوڪري ويجهو علي آباد ۾ 21 نومبر تي عمران خان جي جلسي لاءِ تيارين جي سلسلي ۾ ڪوٺايل ميڙاڪي کي خطاب ڪندي انڙ خاندان جي سرواڻ شفقت حسين انڙ چيو ته ملڪ کي ڪرپٽ ۽ بي ايمان سياستدانن جي ضرورت نه آهي، عمران خان جي اڳواڻي ۾ تبديلي جو شروع ڪيل سفر لاڙڪاڻي ضلعي جي عوام مان محرومي جو احساس ختم ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته انڙ خاندان متحد آهي، ڪاغذي وڏيرا ۽ ڌانڌلين ذريعي چونڊيل ڀوتار صرف گدڙن واريون ڀڀڪيون ڇڏي رهيا آهن، عوام کي سڃاڻي ٿو. هن چيو ته لاڙڪاڻو ضلعو پي ٽي آءِ جي مضبوط قلعو بڻجي ويو آهي، جنهن جي ديوارن تائين پهچندي پ پ آخري پساهن ۾ هوندي. ان موقعي تي تقريب کي سيد نعيم شاهه راشدي، غلام شبير جتوئي، عطا محمد آريجو، گهنور جتوئي، عنايت الله مهر، اظهر آريجو، اياز انڙ، عبدالستار تنيو ۽ قابل خان چانڊيو پڻ خطاب ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *