شازيا خشڪ ڇهن لکن کي ٺڪرائي ڇڏيو، سنڌي ثقافت ڊي فنڪشن جي دعوت فري ۾ قبولي ورتي

ڪراچي(پ ر) سنڌ ۾ ڪئين مڻيادار ماڻهو آهن جن کي پئسي سان خريدي نه ٿو سگهجي جنهن جو تازو مثال سامهون آيو آهي اُوڻٽيهين نومبر ڇنڇر ڏينهن لاءِ شازيا  خشڪ کي سنڌ پنجاب جي چئن شهرن مان هڪئي وقت دعوتون مليون جن مان هڪ فنڪشن مشهور صحافي ملاح معرفت شازيا کي ملتان جي ملڪ طاهر مصطفيٰ ملتاني ڇهن لکن ۾ ڏيڻ چاهيو ساڳي وقت سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا ملير ڪراچي جي مير ذوالفقار حسن ٺڳڙ، مرتضيٰ چانڊيو، آصف جتوئي ۽ ناز شر ملير مان اچي شازيه خشڪ کي سنڌ ايڪتا فنڪشن جي دعوت ڏني شازيه خشڪ ڇهن لکن جي فنڪشن کي ڇڏي ملير ۾ ايڪتا جي فنڪشن کي سنڌ امان جو سڏ چئي مانُ ڏنو ۽ ملير وارن کان پئسا وٺن کان انڪار ڪيائين شازيه خشڪ سان چڳا خاصا پرفارمر سازندا گڏ هوندا آهن انهن جو خرچ مير ذوالفقار ۽ حسين ٽڳڙ شازيه خشڪ جي سازندي الهجڙئي مگڻهار کي ڏنو مير ذولفقار چيو ته شازيه خشڪ اسانجي قومي هيرز منجهان هڪ آهي حسن ٽڳڙ چيو ته شازيه خشڪ کي سڄي دنيا ۾ ڪاميابيون سنڌي عوام جي دعائن سان مليون آهن شازيه خشڪ سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا کي گڏجي ڪم ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *