ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو جي 19 هين سالگرهه هلندڙ مهيني جي 24 تاريخ تي ملهائڻ لاءِ تياريون شروع

لاڙڪاڻو(اي پي پي) ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو جي 19 هين سالگرهه هلندڙ مهيني جي 24 تاريخ تي ملهائڻ لاءِ radio-pakistan-larkanaتياريون شروع ڪيون ويون آهن. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي ترجمان ۽ پروڊيوسر مشتاق تونيو ميڊيا کي ٻڌايو ته 24 سيپٽمبر تي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي 19 هين سالگرهه جي سلسلي ۾ اسٽيشن ڊائڪريٽر مختيار ملڪ جي هدايتن تي تياريون شروع ڪيون ويون آهن. سالگرهه جي موقعي تي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي ۾ هڪ ميوزيڪل شو منعقد ڪيو ويندو،

جڏهن ته آرٽس ڪائونسل، عبدالطيف نظاماڻي ليبر هال ۾ پڻ ادبي پروگرام سان گڏ ايوارڊ، فنڪارن کي تعريفي سرٽيفڪيٽ واري تقريب پڻ منعقد ٿيندي. ياد رهي ته 24 سيپٽمبر 1994ع ۾ ان وقت جي وزير اعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو جو افتتاح ڪيو هو ۽ اڄ ريڊيو پاڪستان 19 سال مڪمل ڪري 20 هين سال ۾ قدم رکندو. هن وڌيڪ چيو ته سالگرهه جي مک تقريب ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي ۾ ٿيندي، جنهن ۾ سنڌ جا مختلف فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا.

Author: editor

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *