موجوده حالتن ۾ سنڌ نڌڻڪائيءَ جي عجيب دؤر مان گذري رهي آهي. بي حسي ۽ اڪيلائيءَ جو اِهو عالم آهي جو گذريل ڪيتري ئي وقت کان ٿر جي ڀٽن مٿي معصوم ٻارڙا غذائي کوٽ جو شڪار ٿي زندگيءَ جي مالها مان هر ڏهاڙي ڇڻندا وڃن پيا. ڪاڇي ۾ پڻ بُک ۽ بدحالي ڀيانڪ روپ سان والار ڪيو ويٺي آهي. سنڌ جا اُتريان ماڳ بدامنيءَ جي بٺيءَ ۾ سڙي رهيا آهن. ڏهاڙي درجنن جي حساب ۾ جوان زندگيون مختلف تڪرارن جي اڏيءَ تي پنهنجون حياتيون وڃائي ويهن ٿيون. ڪٿي برادريون هڪٻئي جي آمهون سامهون ٿي بيٺل آهن ته ڪٿي فردن کي هڪ ٻئي سان ويرَ آهن. اُن کان علاوه ڪڌين رسمن جي پڻ ڌاڪ ويٺل آهي، بس ڪنهن بهاني جي ضرورت هُجي ٿي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي جيئرا جاڳندڙ جسم گوشت جي لوٿڙن ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا. هڪ طرف اِها صورتحال آهي ته ٻئي طرف سنڌ جي اصلوڪن رهواسين لاءِ ڏينهون ڏينهن پنهنجا ئي شهر اوپرا ٿيندا پيا وڃن. ڪڏهن سنڌ کي يونٽن ۾ ته ڪڏهن وڌيڪ صوبن ۾ ورهائڻ جا مطالبا ٿي رهيا آهن. سنڌ جي جياپي جو واحد ذريعو درياهه وڃي پيو واريءَ دڙن ۾ تبديل ٿيندو- ۽ ڪنهن وقت ۾ جيڪي ٻنيون سر سبز هيون سي هاڻ ڀڙڀانگ ٿي رهيون آهن. جڏهن ته پناهگيرن جا ڪٽڪ اڄ سوڌو سنڌ طرف سُرندا رهن ٿا. مطلب ته چوڏس برباديءَ جا ڪارا بادل ڇانيل آهن ۽ هڪ عجيب قسم جي بيچيني سنڌ ۾ زندگيءَ جي روح کي هيسايو ويٺي آهي. اِهي حالتون جيتوڻيڪ اڳ به هيون پر ماڻهن کي هڪ آسرو اِهو هوندو هو ته جڏهن اسان جي پنهنجي حڪومت ايندي، يعني پيپلز پارٽي اقتدار ۾ ايندي ته اِهي سڀئي ڏُک هڪ لحظي ۾ لهي ويندا، سنڌ کي امن به نصيب ٿيندو ته ماڻهو پنهنجن اجهن ۾ سُک ۽ سلامتيءَ جا ڏينهن به ڪٽيندا، پر اُهي اميدون هاڻ مٽيءَ ۾ ملي چُڪيون آهن. گذريل ستن سالن کان سنڌ اندر پيپلز پارٽيءَ جو راڄ آهي، پر حالتون جيئن پوءِ تيئن ابتريءَ ڏانهن وڃن پيون. اصلوڪن رهواسين جو شهرن مان بيدخل ٿيڻ ته پنهنجي جاءِ تي، هاڻ ته ماڳهين سنڌ جي ماڻهن کي سندن جوان اولاد جا چچريل لاش به ملي رهيا آهن. انهيءَ صورتحال تي ارمان ڪرڻ بجاءِ حڪمرانن جو لهجو ڪنهن به ريت ٺٺول کان مختلف ناهي. نوجوانن جي وارثن سان همدردي ڪرڻ ۽ انهيءَ خوني راند ۾ ملوث هٿن کي وائکو ڪرڻ بجاءِ سنڌ جي وارثيءَ جي ڳالهه ڪندڙن کي ئي اِهي مهڻا ڏنا ٿا وڃن ته اُهي لاشن تي سياست ڪري رهيا آهن! ڇا سنڌي ماڻهن کي هاڻ ساڻن ٿيندڙ ناحق تي آواز اُٿارڻ جو حق به ناهي!؟