استادن جي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب اڪثر تعليمي ادارا عوام کي لاڀ ڏئي ناهن سگهيا: اختر برهماڻي

Picture1دادو(رپورٽ: اصغر ملاح) پائيليٽ هاءِ اسڪول دادو جو استاد اختر برهماڻي چوي ٿو اسان دادو شهر جهڙي ماحول ۾ رهون ٿا اتي وڏا وڏا تعليمي ادارا ته آهن پر اهي صحيح طريقي سان ورڪ نه پيا ڪن ان جا ڪيترائي سبب آهن جن مان هڪ سبب اهي به آهي اڪثر استاد پنهنجو کيسو ڀرڻ جي چڪر ۾ ڪيلجن اسڪولن ۾ صحيح ڊوٽيون سرانجام نه ٿا ڏين سنڌ جي تعليم جي سرڪريٽري تعليم جي ڀلائي بهتري واڌاري لاءِ کنيل قدمن مان ڪيترائي قدم بهتر آهن جيڪر سنڌ سميت دادو ضلعي جي تعليمکي نڌڻڪو ڇڏي ڏيبو ته هر هڪ استاد پنهنجا ڊاتي ڪاروبار ڪندو ته تعليمي ادارا تباهه ٿي ويندا هنن ادارن کي تباهه ٿيڻ کان ڪير بچائيندو سنڌ جو ٻيو نمبر وڏي ڪاليج عوامي شاعر استاد بخاري جي نالي سان منسوب استاد بخاري ڊگري ڪاليج جي حالت ايتري خراب ٿي وئي آهي جنهن تي جيترو به ڳالهائجي ايترو گهٽ آهي استاد بخاري ڊگري ڪاليج سميت دادو جي ٻين تعليمي اداران کي صفا زيرو تي پهچايو ويو آهي هتي ڪيترن ئي ٽوشن سينٽرن ۾ استاد صبح کان شام تائين وڏين فيسن عوض شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تعليم ڏين ٿا آءِ ان ڳالهه جي خلاف آهن ته اسڪول ٽائيم تي ٽوشن سينٽر نه هلڻ گهرجن دادو شهرين سڄاڳ ڏرين پاران احتجاج ٿيڻ باوجود اهي پرائوٽ ٽوشن بند نه ٿا ٿين افسوس سان چوڻو پوي ٿو دادو ضلعي جي مختلف اسڪول ڪاليجن ۾ شاگردن جي حاضري ته آهي پر استاد شاگردن کي صحيح خريقي سان اڪثر تعليم نه ٿا ڏين اهي سبب آهي جو ڪيترائي شاگرد تعليم پرائڻ ڇڏي ڏين ٿا، جڪا ڳالهه لمحفڪر آهي سڀني خرابين کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪوششون ڪرڻ جي صرورت آهي آٰ دادو واسين کي اپيل ڪندس ته اوهان اسڪولن ۾ وڃي پنهنجي ٻارن جي سار سنڀال لهڻ سميت استادن سان رابطي ۾ رهن، ته تعليم ۾ بهتري اچي سگهي ٿي اڃا ڪيترائي باضمير استاد آهن جيڪي چاهن ٿا، ته سنڌ سميت دادو ضلعي جي تعليم کي بچائڻ چاهن ٿا،آءِ پراميد آهيان.

 

ڏيڍ سال کان استاد اختر برهماڻي جي ٽيوشن سينٽر ۾ مفت تعليم پرائي رهي آهيان: مونا منگي

دادو: استاد اختر برهماڻي جي ڪيڊٽ ڪائونسلنگ ڪلب جي نالي سان مفت ٽوشن سينٽر ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردياڻي مونا مجيد منگي ٻڌائي ٿي مون کي هن ٽوشن سينٽر ۾ تعليم حاصل ڪندي ڏيڍ سال ٿيو اهي ڏيڍ سال کان وٺي مفت ٽوشن وٺندي آهيان دادو ۾ پرائويٽ ٽوشن سينٽرن تي صرف امير ماڻهن جا ٻار ٽوشن وٺي سگهن ٿا مون کي فڪر آهي جيڪو اسان جي ملڪ سميت سنڌ ۽ دادو ضلعي جي عوام لاءِ مثال آهي ته گورمينٽ هاءِ اسڪول ۾ استاد اختر برهماڻي غريب شاگرد ۽ شاگردياڻين کي مفت تعليم ڏئي روشن دادو روشن سنڌ ۽ روشن پاڪستان ڏانهن وک وڌائي رهيو رهيو آهي.

 

سرڪاري اسڪولن مان نااميد تي استاد اختر وٽ مفت ٽيوشن ورتي، هاڻي پر اميد آهيان ته خواب ساڀيان ٿيندا، والدين جي آس به پوري ٿيندي ڏسان پيو: جمشيد هنڱورو

دادو: جمشيد علي هنڱورو شاگرد ٻڌائي ٿو ته ڪيڊٽڪائونسلنگ ڪلب جتي مفت ٽوشن ڏني ويندي آهي اسان کي پنهنجن مقصدن حال ڪرڻ لاءِ استاد اختر برهماڻي ڏيڍ سال کان شام جو روزانو مفت معياري تعليم ڏئي رهيو آهي اميد اسان جا خواب سچا ٿيندا پنهنجي خوابن کي سچو ڪرڻ لاءِ تعليم حاصل ڪري رهيا آهيون استاد اختر برهماڻي دادو جو سهڻو ڪردار آهي جيڪو شاگرد ۽ شاگردياڻين کي مفت ٽوشن ڏئي ٿو هن مطالبو ڪيو ته دادو ضلعي جي تعليمي ادارن کي بهتر ڪرڻ لاءِ بهتر قدم کنيا وڃن ته هر هڪ بنا فرق جي تعليم حاصل ڪري سگهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *