وزيراعظم سان شهبازشريف جي ملاقات، ملڪ جي جملي صورتحال تي ڳالهيون

لاهور (م.ڊ) وزيراعظم نوازشريف سان محمد شهباز شريف ملاقات ڪئي جنهن ۾ محرم ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ ورتل اڳواٽ اپاءُ پنجاب ۾ جاري ترقياتي منصوبن ٻوڏ متاثرن کي امداد فراهم ڪرڻ جي ٻئي مرحلي، وفاقي ۽ صوبائي ڪابينه ۾ واڌ ۽ ردوبدل سميت ملڪ جي جملي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي گذريل ڏينهن جاتي امره رائونڊ ۾ ٿيل ملاقات ۾ شهبازشريف وزيراعطم نوازشڙيف کي محرم ۾ پوليس سميت ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران امن امان جي صورتحال کي ڪنٽرول رکڻ لاءِ ورتل اپائن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏيندي آگاهه ڪيو ته پاڪ فوج ۽ رينجرز جا دستا ڪوئڪ ريسپانس فورس طور مقرر هوندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *