ملڪ ۾ برساتن، گليشيئرن ۽ برفباري جو 90 سيڪڙو پاڻي زيان ٿيڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ جو پاڻي ذخيرو ڪري پاڻي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ جا وڏا موقعا آهن پر ان حوالي سان عملي قدمن نه کڻڻ سبب هر سال لکين ايڪڙ فٽ پاڻي زيان ٿي رهيو آهي. انڊس ريور سسٽم اٿارٽي ”ارسا“ موجب پاڪستان جي درياهن ۾ هر سال گليشيئر رجڻ، برفباري پوڻ ۽ برساتن سبب 134 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ايندو آهي پر اسان وٽ ان پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ جي رڳو 10 سيڪڙو صلاحيت موجود آهي جڏهن ته دنيا جي ٻين ملڪن ۾ اها شرح 40 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. آبي ماهرن موجب جيڪڏهن پاڻي جي کوٽ تي ضابطو نه آندو ويو ته 2025ع تائين پاڪستان پاڻي جي کوٽ جر شڪار ملڪن ۾ شامل ٿي ويندو. پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهين ۽ پاڻي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ لاءِ واٽر مئنيجمينٽ جي عالمي ماهر ۽ باراني يونيورسٽي جي اڳوڻي وائس چانسلر ڊاڪٽر راءِ نياز جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن زراعت کاتو ۽ ٻيا وفاقي ۽ صوبائي کاتي گڏجي ڪم ڪن ته ٿوري عرصي ۾ نه رڳو ٻوڌ جي تباهين تي ضابطو آڻي سگھبو پر زرعي شعبي ۾ به انقلاب برپا ڪري سگھجي ٿو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *