عدالتي حڪم تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو قتل ڪيس وزيراعظم، وڏي وزير سميت ۱۱ ڄڻن خلاف داخل

اسلام آباد (بيورو) سيشن جج اسلام آباد جي حڪم تي وزيراعظم، وڏي وزير سميت ۱۱ ڄڻن خلاف تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن کي قتل ڪرڻ جي الزام ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو. تفصيل موجب تحريڪ انصاف طرفان سيشن ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست تي فيصلي اچڻ بعد وفاقي گادي واري هنڌ جي سيڪريٽريٽ ٿاڻي ۾ وزيراعظم نواز شريف، وڏي وزير شهباز شريف، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان، ريلوي جي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق، پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير خواجا آصف سميت ۱۱ ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب ان ڪيس جي جاچ به عوامي تحريڪ طرفان داخل ڪرايل ڪيس سان گڏ ئي ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *