اين سي او سي جو ڪورونا ڪيس وڌڻ تي سنڌ حڪومت جي مدد ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (م.ڊ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ڪورونا ڪيس وڌڻ تي سنڌ حڪومت جي مدد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، اين سي او سي سربراهه اسد عمر جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪراچي شهر جي خراب ٿيندڙ صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، جڏهن ته ڪيسز وڌڻ تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، اين سي او سي موجب، ڪورونا وائرس تي ضابطي لاءِ سنڌ حڪومت جي مدد ڪرڻ جو به فيصلو ڪندي سنڌ سرڪار کي آگاهه ڪيو ويو، اين سي او سي جو چوڻ آهي ته سنڌ جي اسپتالن ۾ وارڊز، آڪسين ۽ وينتي ليٽرز بيڊ وڌايا ويندا، جڏهن ته صوبي ۾ ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد لاءِ سڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيو ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *