آئيڊياز 2014ع جي ٽين ڏينهن به پي او ايف اسٽال تي ملڪي ۽ غير ملڪي وفدن جو تعداد موجود رهيو

ڪراچي(پ ر) ڪراچي ۾ جاري آئيڊياز 2014ع جي ٽين ڏينهن به پي او ايف اسٽال تي ملڪي ۽ غير ملڪي وفدن جو تعداد موجود رهيو غير ملڪي وفد پاڪستاني دفاعي مصنوعات خاص ڪري پي او ايف جي مصنوعات “پي او ايف آئي“ ۽ “ رائفل عزب“ ۾ گهري دلچسپي ورتي، چيئرمين پي او ايف بورڊ ليفٽننٽ جنرل محمد احسن محمود هلال امتياز ملٽري ان اميد جو اظهار ڪيو ته آئيڊياز 2014ع پي او ايف لاءِ منفعت بخش ثابت ٿيندو ۽ پي او ايف پنهنجي مصنوعات برآمد ڪري ڪثير ملڪي ناڻو ڪمائندي جنهن سان ملڪي معيشت کي استحڪام ملندي پي او ايف چيئرمين ٻڌايو ته پي او ايف پاڪستان جي مسلح افواج جي اسلحي ۽ گوله بارود جي سئو سيڪڙو ضرورتن کي پورو ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجي پيدواري صلاحت کي برآمد به ڪري رهيو آهي آئيڊياز 2014ع پي او ايف کي پنهنجي اٺين نئي مصنوعات متعارف ڪرائڻ جو موقعو فراهم ڪيو ۽ اسان کي اميد آهي ته پي او ايف جي هن نمائش ذريعي وڌيڪ نوان خريدار حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *