ڏهرڪي ۾ قبائلي تڪرار سبب مردن جي مارجڻ کانپوءِ عورتن هٿيار کڻي ورتا

ڏهرڪي: پئسن جي ڏيتي ليتي واري معمولي ڳالهه تان شروع ٿيندڙ شر ۽ لنڊ برادرين جي تڪرار ۾ 5 سالن دوران 22 ڄڻا مارجي چڪا آهن، شر برادري جي هڪ ئي خاندان جا سمورا مرد تڪرار ۾ مارجي وڃڻ سبب بدلو وٺڻ لاءِ هاڻ عورتن هٿيار کڻي ورتا متاثر علائقو گذريل 5 سالن کان نوگو ايريا آهي، ڏهرڪي جي ڏورانهين علائيق کينجو ۾ 5 سال اڳ 5 سئو روپين جي معاملي  تي شر ۽ لنڊ برادرين وڄ شروع ٿيندڙ تڪرار ۾ هينئر تائين مجموعي طور تي ڌرين جا22 ڄڻا مارجي چڪا آهن پر ان دوران ڪڏهن به ڪنهن مقامي وڏيري، سردار، چونڊيل نمائندن يا پوليس تڪرار ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي ان سلسلي ۾ جڏهن ميڊيا جي ٽيم علائقي پهتي ته اتي مردن بجاءِ هٿياربند عورتون سامهون هيون، جڏهن انهن کان مردن جي باري ۾ پڇيو ويو  ته هنن ٻڌايو ته ڄاڻايل تڪرار ۾ انهن جي خاندان جا سمورا مرد مارجي چڪا آهن ۽ هو مجبورن پنهنجي ۽ پنهنجن ٻارن جي حفاظت لاءِ هٿيار کنيل آهن، هنن چيو ته خوني تڪرار جا اصل ذميوار چونڊيل نمائندا ۽ مقامي پوليس آهي هنن الزام مڙهيو ته هو نه ٿا چاهين ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ ٺاهه ٿئي، هنن چيو ته اسان جا 12 نجوان تڪرار جو نشانو بڻجي چڪا آهن ۽ اسان جي گهر ۾ ننڍڙن ٻارڙن کان علاوه ڪوبه مرد ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *