پاڪ-سعودي وچ ۾ 7 مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون، 10 گڏيل ورڪنگ قائم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سعودي پرڏيهي وزير عادل الجبير چيو آهي ته پاڪستان کي خيرات نه ڏئي رهيا آهيون، سيڙپڪاري ڪري رهيا آهيون.  اسلام آباد ۾ شاهه محمود قريشي سان پريس ڪانفرنس ڪندي سعودي پرڏيهي وزير عادل الجبير چيو ته سعودي عرب مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ته جيئن رخ مقرر ٿي، اسان سيڙپڪاري جو ارادو ظاهر ڪيو جنهن کي پاڪستان قبول ڪيو، هاڻي ٽيڪنيڪي ۽ مالياتي شعبي جا ماهر منصوبن/ڏسو صفحو 2 بقايا نمبر 15

تي ڪم ڪندا ۽ عملي صورت ڏيندا.  هن چيو ته اسان پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ چاهيون ٿا، ٻنهي ملڪن ۾ دهشتگردي خلاف سڪيورٽي سهڪار موجود آهي ۽ گهرا فوجي لاڳاپا آهن. سندس چوڻ هو ته  وزيراعظم عمران خان پاڪستان کي ترقي جي ايندڙ درجي تي وٺي وڃڻ لاءِ تيار آهي، پاڪستان تي پڪ نه هجي ها ته ڪڏهن به سيڙپڪاري نه ڪيون ها. سعودي پرڏيهي وزير چيو ته حيرت جي ڳالهه آهي ته ايران پاڻ دهشتگردي برآمد ڪندڙ ملڪ آهي پر ٻين تي دهشتگردي جو الزام هڻي رهيو آهي، ايراني پرڏيهي وزير دهشتگردي پکيڙڻ جو ذريعو آهي، ايران جي انقلاب کانپوءِ ايران دهشتگردي جو سڀ کان وڏو حامي آهي،  آمريڪا ۽ سعودي عرب سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ دهشتگرد حملن ۾ ايران ملوث رهيو آهي، ايران دهشتگرد تنظيمن کي هٿيار ۽ بارود ڏيندو آهي.  هن چيو ته نائن اليون کانپوءِ ايران القاعده قيادت ۽ اساما بن لادن جي پٽ کي پناهه ڏني آهي، دهشتگرد آزاد نموني ايران ۾ چرپر ڪندا آهن،  سعودي عرب پاڻ ايران جي دهشتگردي جو نشانو بڻيو آهي پر اسان هوشيار آهيون، دهشتگردن ۽ سندن مددگارن خلاف ڪارروائي ۾ بي رحم آهيون، ايران طرفان يمن، شام ۽ ٻين ملڪن ۾ داخلي معاملن ۾ مداخلت ڪئي ويندي آهي.، شاهه محمود قريشي چيو ته سعودي عرب پاڪستان ۾ 20 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي، سعودي عرب سان 7 مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون جڏهن ته 10 گڏيل ورڪنگ قائم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته سعودي عرب ويزا في ۾ گهٽتائي بابت پاڪستان جو پراڻو مطالبو قبولي ورتو آهي جڏهن ته وزيراعظم سعودي عرب کان حاجين لاءِ اميگريشن جي سهولت جي درخواست ڪئي آهي.  هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب کي هڪ جهڙا چئلينجن آهن، جڏهن ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا آهن، ٻنهي ملڪن جي قيادت منصوبن ۽ ٺاهن تي عمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. سعودي عرب جي پرڏيهي وزير عادل الجبير چيو ته سعودي عرب پاڪستان سان لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو،  پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ سهڪار ۽ سيڙپڪاري ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته دهشتگردي هڪ گڏيل عالمي چئلينج بڻجي وئي آهي، اسان دنيا مان دهشتگرديءَ جو خاتمو چاهيون ٿا،  جنهن لاءِ آمريڪا، سعودي عرب ۽ پاڪستان ڪارروائي ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته سعودي عرب جي ترقي ۾ پاڪستاني هنر مند اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، پاڪستاني تعليم، انجنيئرنگ، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *