مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون، سنڌ اسيمبلي ۾ صوبي جي ورهاست خلاف قرارداد اتفاق راءِ سان منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي صوبي جي ورهاست ۽ نون انتظامي يونٽن جي قيام خلاف قرارداد اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتي، سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي سربراهي ۾ شروع ٿيو ته بدنظمي جي ور چڙهيپ ويو. مخالف ڌر اڳواڻ شهريار مهر سيٽون الاٽ نه ٿيڻ تي احتجاج ڪيو ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته اڃا سيٽن جي تصديق ناهي ڪئي وئي اهو اسپيڪر جو صوابديدي اختيار آهي جنهن تي شهريار مهر چيو ته  ڊپٽي اسپيڪر ايوان کي آمر وانگي هلائي رهي آهي، ان دوران شرجيل ميمڻ ۽ شهريار مهر وچ ۾ سخت لفظن جي ڏي وٺ ٿي. ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا چيو ته اسپيڪر کي ڪو ڊڪٽيٽ نٿو ڪري سگهي جيڪو ايئن ڪرڻ چاهي ٿو اهو ايوان کان ٻاهر هليو وڃي. ڪارروائي شروع ٿي ته مخالف ڌر طرفان سنڌ جي ورهاست خلاف قرارداد پيش ڪرڻ جي اجازت گهري وئي اجازت نه ملڻ تي مخالف ڌر اڳواڻ شهريار مهر ۽ ميمبرن اسيمبلي اجلاس جو واڪ آئوٽ ڪيو. اپوزيشن جي واڪ آئوٽ ڪرڻ سان گڏ پيپلزپارٽي جي  سهيل انور سيال سنڌ جي ورهاست ۽ نون انتظامي يونٽن جي قيام خلاف قرارداد پيش ڪئي جنهن تي اسيمبلي ميمبرن اپيل ڪئي ته اهي قرارداد کي الڳ الڳ پڙهڻ چاهين ٿا پرپوءِ ڊپٽي اسپيڪر سڀني ميمبرن کي گڏجي قرارداد جو متن پڙهڻ جي اجازت ڏني جنهن کانپوءِ سڪندر مينڌرو جي قيادت ۾ ايوان ۾ موجود سڀني ميمبرن گڏجي قرارداد پڙهي، قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ صدين کان هڪ آهي ۽ هڪ رهندي، آئين تحت نون صوبن جو قيام پارليامينٽ جو اختيار آهن جنهن لاءِ پارليامينٽ جي ۲ ڀاڱي ۳ ميمبرن جي منظوري ضروري آهي، قرارداد جو متن مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جي جملي تي ختم ٿيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *