عدالت کي ٻڌايو وڃي ته ۴ تڪن ۾ آڱوٺن جي نشانن جي تصديق ڇو نه ٿي سگهي؟: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيوروPakistan Ends Emergency Rule) سپريم ڪورٽ چونڊ سڌارن ۽ آڱوٺن جي نشان جي تصديق متعلق تحريڪ انصاف ۽ ورڪر پارٽي طرفان اليڪشن ڪميشن جي موقف تي جواب تي جواب طلب ڪري ورتو. ٻڌڻي ڪندڙ بئنچ رمارڪس ڏنا آهن ته عدالت کي ٻڌايو وڃي ته ۴ تڪن ۾ آڱوٺن جي نشانن جي تصديق ڇو نه ٿي سگهي، سپريم ڪورٽ چونڊ سڌارن متعلق جامع فيصلو ڏنو هو، خبر ناهي ڪنهن پيرا تي عمل ٿيو ۽ ڪنهن تي نه ٿيو، حڪومت چونڊ سڌارن تي عمل نه ڪري ڀوڳي رهي آهي ۽ اڃا به ڀوڳيندي. اربع تي سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ۳ رڪني بئنچ چونڊ سڌارن ۽ آڱوٺن جي نشانن جي تصديق متعلق ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته ۴ تڪن ۾ آڱوٺن جي نشانن جي تصديق ڇو نه ٿي سگهي جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن چونڊ سڌارن ۽ آڱوٺن جي تصديق متعلق پهريان ئي موقف عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي،اليڪشن ڪميشن جي جواب تي غلط نمبر لڳڻ سان شايد مسئلو ٿيو آهي. جسٽس شيخ عظمت رمارڪس ڏيندي چيو ته حڪومت چونڊ سڌارن تي عمل نه ڪري ڀوڳي رهي آهي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 13 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *