خيبر ايجنسي ۾ جيٽ جهازن جي بمباري، 18 دهشتگرد مارجي ويا

خيبر ايجنسي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبر ايجنسي ۾ آپريشن ”خيبر ون“ ڪاميابي سان جاري آهي، جنهن دوران سڪيورٽي فورسز جي ڪاروائي ۾ 18 دهشتگرد مارجي ويا آهن. باڙا جي مختلف علائقن ملڪ دين خيل ۽ شلوبر ۾ سڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪئي. سڪيورٽي فورسز طرفان جيٽ جهازن ذريعي بمباري ڪئي وئي، جنهن ۾ 18 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر ڪاروائي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته جيٽ جهازن جي بمباري ۾ دهشتگردن جا 5 ٿاڪ به تباهه ٿي ويا آهن. آءِ ايس پي آر جي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ فوج جي هوائي ڪاروائي ۾ دهشتگردن جو بارودي مواد به ڌماڪي سان تباهه ٿي ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *