جهلم ندي ۾ ڪار ڪرڻ سبب 5 ڄڻا ٻڏي فوت

گجرات (م.ڊ)  عالمگير  ويجهو ڪار جهلم ندي  ۾ ڪرڻ سبب 4 عورتن سميت هڪ ئي خاندان جا 5  ماڻهو فوت ٿي ويا. عالمگير ويجهو ڪار تيز رفتاري سبب جهلم ندي ۾ وڃي ڪري. جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 4 عورتن سميت هڪ مرد ٻڏي فوت ٿي ويا. مقامي ماڻهن موجب پوليس پنهنجي مدد پاڻ تحت 5  ئي لاش ڪڍيا. پوليس جو چوڻ هو ته حادثوڊرائيور کي ننڊ اچي وڃڻ سبب ٿيو، ڪار ۾ سوار 5 ئي  جو تعلق هڪ ئي خاندان آهي. مڙهه ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *