95 ارب جي رٿا 55 ارب ۾ پوري ڪئي، پاڪستان کي هلائڻ سولو ڪم ناهي: نواز شريف

شيخوپورا (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  شيخوپورا ۾ 1180 ميگاواٽ بکي پاور پلانٽ جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم نوازشريف چيو ته هاڻي تائين پاڪستان ۾ اونڌي گنگا وهندي رهي آهي ۽ اڄ ان گنگا کي سڌو ڪرڻ لاءِ اسان وڏي محنت سان ڪم ڪيو آهي. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾  چيو ته بجلي محنت سان ڪم ڪرڻ کانپوءِ ئي ايندي آهي پر ڪنٽينر تي چڙهندڙن ۽ بلساڙيندڙن کي سمجه ۾ اها ڳالهه نٿي اچي ته 95 ارب جي رٿا 55 ارب تي آندي آهي، رانديون ڪرڻ وارا سياستدان گارين جي سياست کان نڪري اچن. هن چيو ته نيپرا ۽ رولز مطابق بکي رٿا 95 ارب رپين جي هئي پر ان کي 55 ارب جي لاڳت سان لڳايون پيو وڃي. بهترين ڪم ڪرڻ تي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ۽ ان جي ٽيم کي مبارڪون هجن.بکي بجلي رٿا سستي بجلي پيدا ڪندي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته 20 ،30 سالن ۾ معاملا گهڻا منجهي ويا آهن. پاڪستان کي هلائڻ سولو ڪم ناهي. ماضي ۾ ڪنهن به بجلي جي بحران تي نه سوچيو هو، ڪنٽينر تي بيهي گاريون ڏيندڙن لاءِ منهنجي دعا آهي ته هو سٺو ڳالهائين جيڪو سڀني کي وڻي ۽ ڪڏهن چيو ته مان بجلي جو بحران ڪجهه سالن ۾ ختم ڪندس هر مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪجهه قوت ته لڳندو آهي.پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف تقريب سان خطاب ڪندي چيو ته  دهشتگردي ۽ بجلي بحران ملڪ جا ٻه اهم مسئئلا آهن . پاڪستاني فوج آپريشن ضرب عضب هيٺ دهشتگردي ۾ ڏار وڌو آهي. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستاني فوج جي جوانن پنهنجي حياتين جي قرباني ڏني آهي.وزيراعظم نوازشريف قوم سان بجلي جي بندش ختم ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ پنهنجو واعدو پورو ڪرڻ لاءِ عملي قدم کنيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *