92ع جي هڪ ٻي نشاني پوري، پاڪستان نيوزيلينڊ کي هارائي ڇڏيو

برمنهگم (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ورلڊ ڪپ جي اهم ميچ ۾ بابر اعظم ۽ حارث سهيل جي شاندار بيٽنگ عيوض نيوزيلينڊ کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل تائين پهچڻ جون اميدون برقرار رکيون آهن./ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 03

نيوزيلينڊ طرفان مليل 238 رنسن جو هدف پاڪستان 5 بال اڳ ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.پاڪستان طرفان نوجوان بيٽسمين بابر اعظم شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 101 رنس ٺاهي ۽ ناٽ آئوٽ موٽيو، جڏهن ته حارث سهيل پڻ 68 رنسن جي بهترين اننگز کيڏي.محمد حفيظ 32، امام الحق 19 ۽ فخر زمان 9 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.ان کان اڳ ٽاس کٽڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي ڪيوي ٽيم مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 237 رنسون ٺاهيون.رڳو 83 رنسن تي 5 وڪيٽون ڪرڻ کانپوءِ ڪولن ڊي گرينڊ هوم ۽ جيمز نيشن ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ٽيم کي مڪمل تباهي کان بچائي ورتو.ٻنهي وچ ۾ سئو رنسن کان وڌيڪ جي ڀائيواري قائم ٿي ۽ نيوزيلينڊ کي ڇهون نقصان 215 جي مجموعي اسڪور تي ٿيو، جتي گرينڊ هوم 64 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ رن آئوٽ ٿي پويلين موٽي ويو، جڏهن ته نيشم 97 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ناٽ آئوٽ موٽيو.ان کان اڳ نيوزيلينڊ جون وڪيٽون تڪڙي ڪرنديون رهيون ۽ اهو محسوس ٿيو ته ڪيوي ٽيم 2 سئو رنسون به نه ٺاهي سگهندي.مارٽن گپٽل 5، ڪولن منرو 12، ڪپتان ڪين وليمسن 41، روز ٽيلر 3 ۽ ٽام ليٿم هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿيا.پاڪستان طرفان شاهين آفريدي بهترين بالنگ ڪرائيندي 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته محمد عامر ۽ شاداب خان جي حصي ۾ هڪ – هڪ وڪيٽ آئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *