92ع جي ورلڊ ڪپ دوران نجم سيٺي پويان پئجي ويو هو: عمران خان

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) ملڪي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان عمران خان چيو آهي ته پي سي بي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو چيئرمين نجم سيٺي 1992ع جي ورلڊ ڪپ دوران هٿ ڌوئي منهنجي پويان پئجي ويو هو. پنهنجي هڪ بيان ۾ عمران خان جو چوڻ هو ته 1992ع جي ورلڊ ڪپ دوران جڏهن اسان ڏکيائين جو شڪار هياسين ته صحافي مون کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائڻ شروع ڪيو ۽ چيو ته توهان مڪمل طور فٽ نه هيا ته ورلڊ ڪپ نه کيڏو ها، ڏکين مرحلن باوجود اسان ورلڊ ڪپ کٽيو، جنهن کانپوءِ اهو صحافي اسان جو سڀ کان وڏو مداح بڻجي ويو، جنهن جو نالو نجم سيٺي هيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *