90 واري سياست کي ورجائڻ نواز شريف جي وڏي غلطي هوندي: بلاول ڀٽو

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پنجاب انتظاميا طرفان ڏکڻ پنجاب ۾ پيپلزپارٽي جو مينديٽ چوري ڪرڻ لاءِ جاري هٿ چُراند جي مذمت ڪندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڏکڻ پنجاب ۾ پارٽي جو مينڊيٽ تسليم نه ڪيو ويو ته پوءِ پارٽي وٽ سمورا آپشن کُليل هوندا،  بلاول ڀٽو زرداري اهڙو اظهار پيپلزپارٽي ڏکڻ پنجاب جي صدر مخدوم احمد محمود سان فون تي ڳالهائيندي ڪيو، مخدوم احمد محمود چيئرمين کي فون ڪندي ڏکڻ پنجاب ۾ پيپلزپارٽي جي ڪائونسلرن ۽ اڳواڻن خلاف انتقامي ڪاررواين بابت شڪايت ڪئي، مخدوم احمد محمود ٻڌايو ته پنجاب حڪومت، انتظاميا ۽ پوليس پارٽي جي چونڊيل مقامي نمائندن خلاف انتقامي ڪارراين جي مهم شروع ڪري ڇڏي آهي، هن وڌيڪ چيو ته پنجاب جا حڪمران اسان جي چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن کي پارٽي تان استعيفائون ڏيڻ لاءِ دٻاءَ وجهي رهيا آهن، بلاول ڀٽو زرداري پنجاب ۾ ۽ خاص طور تي  ڏکڻ پنجاب ۾ پارٽي جي چونڊيل چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن خلاف انتقامي ڪاررواين جو سختي سان نوٽس وٺندي پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي زور ڀريو آهي ته اُهي نواز ليگ جي انهن هٿڪنڊن خلاف رُڪ جي ديوار بنجي بيهي رهن، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نواز ليگ طرفان پارٽي جي اڳواڻن ۽جيالن خلاف انهي قسم جون انتقامي ڪارروايون نئين ڳالهه ناهن، پارٽي ماضي ۾ به انتهائي ظالمانا صورتحال کي به منهن ڏنو آهي ۽ هميشه متحد ۽ بي ڊپو ٿي اهڙين ڪوششن کي ناڪام بڻايو آهي، پيپلزپارٽي جي چيئرمين وزيراعظم نواز شريف کي مخاطب ٿيندي چيو ته 90 واري سياست کي ورجائڻ توهان جي وڏي غلطي هوندي، هن خبردار ڪيو ته هو اهڙين ظالماڻين ڪاررواين کي بند ڪري ٻي صورت ۾ سندس مينڊيٽ به سواليه بنجي ويندو. هوڏانهن  پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير کي چيو آهي ته پوري صوبي ۾ ۽ خاص طور تي ٿر، ڪاڇو ۽ ڪوهستان جهڙن پٺتي پيل علائقن ۾ عورتن ۽ ٻارن ۾ خوراڪ جي کوٽ جي مسئلي کي ختم ڪرڻ لاءِ ” نيوٽريشن مهم“ شروع ڪئي وڃي، بلاول ڀٽوزرداري اهڙو اظهار اڄ بلاول هائوس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاه سان ملاقات دوران ڪيو، وڏي وزيرچيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ۽ صوبي ۾ جاري ۽ مڪمل ٿيل ترقياتي ڪمن بابت بريفنگ ڏني، بلاول ڀٽو زرداري ٻيهر چيو ته جيتروجلد ٿي سگهي ته صوبي جي سمورن کاتن کي اي-گورننس ڏانهن منتقل ڪيو وڃي، هن چيو ته تعليم ۽ صحت جي شعبن جي بهتر ڪارڪردگي کي وڌيڪ مستحڪم ۽ وسيع ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *