9 گوسڙو ڊاڪٽر برطرف، 15 کي شوڪاز نوٽيس جاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي صحت کاتي واري وزير ڄام مهتاب حسين ڏهر ڊيوٽي تان بغير ڪنهن اطلاع جي مسلسل غيرحاضر رهندڙ 9 ڊاڪٽرن کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي. برطرف ٿيندڙ ڊاڪٽرن ۾ ڊاڪٽر صوفيه، ڊاڪٽر ماريه بلوچ، ڊاڪٽر سيتا، ڊاڪٽر جي ڪماري، ڊاڪٽر معصومه، ڊاڪٽر نورين حنيف، ڊاڪٽر فرهين ۽ ڊاڪٽر محمد بيگ شامل آهن. جڏهن ته 15 ڊاڪٽرن کي فائنل شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، ته جيئن 15 ڏينهن جي اندر اندر اهي پنهنجي ڊيوٽين تي حاضر ٿين، ٻي صورت ۾ انهن کي به برطرف ڪيو ويندو. ان موقعي تي صوبائي وزير اهو ٻڌايو ته انهن غير حاضر ڊاڪٽرن مان گهڻا بغير ڪنهن اطلاع يا اجازت جي ٻاهرين ملڪن ڏانهن ويل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *