8 1 آگسٽ تي اسحاق ڊار دعويٰ ڪئي هئي ته 0 8 1 ملين بيلٽ پيپرز ڇاپيا ويا آهن: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستانطرفان وڌيڪ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي وارو معاملو دٻائڻ جي ڪوششن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته 8 1 آگسٽ تي ناڻي وزير اسحاق ڊار اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري اشتياق احمد خان جي موجودگي ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته 0 8 1 ملين بيلٽ پيپرز ڇاپيا ويا آهن، تحريڪ انصاف 8 2 نومبر جي پريس ڪانفرنس ۾ اٽڪل 3 5 لک ڇاپيل وڌيڪ بيلٽ پيپرز جي حوالي سان تفصيل قوم سامهون پيش ڪري ڇڏي هئي، اليڪشن ڪميشن ان ڏينهن ميڊيا کي ٻڌايو ته 8 لک کان وڌيڪ بيلٽ پيپرز ڇاپيا ويا، ان جي ابتڙ پهرين ڊسمبر تي اليڪشن ڪميشن پاڻ 3 9 لک کان وڌيڪ بيلٽ پيپرز ڇاپڻ جو اعتراف ڪيو، ملڪ ۾ آزاداڻا ۽ شفاف جاچ ممڪن بڻائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جا ميمبر تڪڙا مستعفي ٿي وڃن. جاري پنهنجي بيان ۾ عمران خان وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن جهڙو قومي ادارو جنهن تي عوام جي ٽيڪسن مان اربين رپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا اهو پنهنجي ڪوتاهين ۽ بي ضابطگين تي پردو وجهڻ جي سياسي ڪوششن ۾ رُڌل آهي. 8 2 نومبر تي ميڊيا جي روبرو پيش ڪيل حقيقتن جو حوالو ڏيندي تحريڪ انصاف جي چيئرمين جو چوڻ آهي ته وٽس اليڪشن ڪميشن طرفان ڪيل بي قاعدگين ۽ بي ضابطگين جي حوالي سان نهايت اهم معلومات موجود آهي، جنهن کي 3 1 0 2 ع جي چونڊن ۾ ڪئي ويل ڌانڌلي جي جاچ لاءِ جوڙيل عدالتي ڪميشن جي روبرو به پيش ڪيو ويندو. پنهنجي بيان ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين بيلٽ پيپرز جي ڇپائي متعلق تمام ريڪارڊ محفوظ بڻائڻ جو به مطالبو ڪيو ۽ چيو ته جيتوڻيڪ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ان معاملي ۾ ڌُر آهي، جيتوڻيڪ ڇاپي خانن ۽ اليڪشن ڪميشن جي قبضي ۾ موجود ريڪارڊ ڪڍرائي محفوظ بڻايو وڃي ته جيئن ان ۾ ردوبدل نه ڪري سگهجي. ان سان ان جو وڌيڪ چوڻ هو ته جن تڪن تائين ان کان وڌيڪ بيلٽ پيپرز جي ترسيل ڪئي وئي ان جو ريڪارڊ به منظرعام تي آندو وڃي ۽ اسان جي اطلاعن موجب هڪ تڪ لاءِ 9 6 جڏهن ته ٻئي لاءِ 0 0 0 8 1 بيلٽ پيپرز جاري ڪيا ويا. پنهنجي بيان ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين آزاداڻا ۽ شفاف جاچ ممڪن بڻائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن کان فوري مستعفي ٿيڻ جو مطالبو به ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *