8 مهينا گذرڻ باوجود ايڪشن پلان تي عمل ناهي ٿيو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) سـُپريم ڪورٽ،  اين جي اوز جي فنڊنگ بابت لا اينڊ جسٽس ڪميشن کي ٻن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،  عدالت ريمارڪس ۾ چيو آهي ته 8 مهينا گذرڻ باوجود ايڪشن پلان تي عمل ناهي ٿيو، وزيراعظم جي بي اعتمادي ايڪشن پلان جي ڪارڪردگي ظاهر ڪري ڇڏي آهي. جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ اين جي اوز جي رجسٽريشن ۽ فنڊنگ بابت رپورٽ پيش ڪئي. ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب عدالت کي ٻڌايو ته اين جي اوز جي رجسٽريشن ۽ فنڊنگ بابت سب ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ڏنا ته حڪومت کي جيڪو ڪم ناهي ڪرڻو هوندو، ان لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏيندي آهي. جسٽس انور ظهير جمالي ريمارڪس ۾ چيو ته دهشتگردن جي فنڊنگ قومي ايڪشن پلان جو اهم حصو آهي، پر  8 مهينا گذرڻ باوجود ان تي عمل ناهي ٿي سگهيو. عدالت ريمارڪس ڏنا ته وزيراعظم نواز شريف به قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد بابت بي اعتمادي ظاهر ڪئي هئي، جنهن مان ايڪشن پلان جي ڪارڪردگي ظاهر ٿي وئي آهي. جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ڏنا ته اين جي اوز جي فنڊنگ گڏ ڪرڻ حڪومت نه پر ايف آءِ اي جو ڪم آهي ۽  سائبر ڪرائيم جي  ساڳي ڊيوٽي به شامل آهي. عدالت، لا اينڊ جسٽس ڪميشن کي اين جي اوز جي فنڊنگ بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *