73 جو آئين ئي وفاق جي سلامتي ۽ بقا جي ضمانت آهي: پيپلز پارٽي قيادت

اسلام آباد /ڪراچي (اين اين آءِ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته 73 جو آئين ۽ وفاق جي سلامتي ۽ بقا جي ضمانت اهي قوم کي يوم دستور تي مبارڪون ڏيندي آصف زرداري چيو ته قائدعوام ذوالفقارعلي ڀٽو اڄوڪي ڏينهن قوم کي گڏيل دستور ڏنو هو 73 جو آئين ئي وفاق جي سلامتي ۽ بقا جي ضمانت آهي آصف علي زرداري چيو ته بينظِر ڀٽو شهيد 1973 جي آئين جي بحالي لاءِ سڄي ڄمار جدوجهد ڪئي انهيءَ آئين لاءِ بينظِر ڀٽو شهيد جيل جون سختيون برداشت ڪيون هن چيو ته 1973 جي آئين جي بحالي لاءِ آزاد صحافت جي علمبردارن به جدوجهد ڪئي 1973 جي آئين لاءِ ڦاهيون، ڪوڙا ۽ جيل قبول ڪندڙن کي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا هن وڌيڪ چيو ته 18هين آئيني ترميم وفاق ۽ وفاق جي ٿنڀن وچ ۾هڪ ميثاق آهي آئين جي حڪمراني سان ملڪ جي سلامتي ۽ ادارن جي ساک سگهاري ٿيندي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان جي حڪومت جي وڃڻ کان پوءِ جمهوريت محفوط آهي، يوم دستور تي هڪ پيغام ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته قوم جي خواهشن مطابق ان جي چونڊيل نمائندن عمران خان جي حڪومت کي روانو ڪري ڇڏيو آهي هن چيو ته نيازي حڪومت جي وڃڻ کان پوءِ دستور ۽ جمهوريت محفوط آهن هن چيو ته پيپلزپارٽي عوامج ي حقن ۽ ملڪي مفادن جي تحفظ لاءِ اٽل ارادي سان سرگرم عمل رهندي هنچ يو ته اڄ هڪ دفعو ٻيهر قومي تاريخي گهڙين مان لنگهي رهي آهي اڄ آئين دشمن ۽ عوام دشمن حڪومت کان نجات جو ڏينهن آهي هن چيو ته اسان جو آئين جمهوري استحڪام معاشرتي برابري جٽادار معيشت ۽ مضبوط رياست حاصل ڪرڻ جو گڏيل قومي لائحه عمل آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *