7224 ماڻهن کي ماريندڙ  848 ٽارگيٽ ڪلر گرفتار ڪيا آهن: رينجرز رپورٽ

ڪراچي (اين اين آءِ) دهشتگردي ٽوڙ جي خاص عدالت ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ماڻهن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هڪ سياسي جماعت جي 3 جوابدارن کي 90 ڏينهن رينجرز حوالي ڪيو ويو آهي، پاڪستان رينجرز گذريل ڏينهن جوابدار فراز قريشي، آصف ۽ جان کي دهشتگردي ٽوڙ جي خاص عدالت ۾ پيش ڪيو، رينجرز جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن جو تعلق ايم ڪيو ايم جي عسڪري ونگ سان آهي، جاچ دوران جوابدار فراز قريشي 120، آصف 13 ۽ جان محمد 27 ڄڻڻ کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي جنهن سبب جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي جنهن بعد عدالت جوابدارن کي 90 ڏينهن لاءِ رينجرز حوالي ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *