70 سيڪڙو تڪن جا نتيجا پهريون ئي ماڻهن جي ڄاڻ ۾ هوندا آهن: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو) انور ظهير جمالي چيو آهي ته 70 سيڪڙو تڪن جا نتيجا پهريون ئي ماڻهن جي ڄاڻ ۾ هوندا آهن لڳي ٿو ته 25 سالن تائين ساڳيون ئي حڪومتون رهنديون. چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ خانگي ميڊيڪل ڪاليج بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس امير هاني مسلم پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته انسپيڪشن کانسواءِ ڪنهن کي ڪئين يونيورسٽي ٺاهڻ جي اجازت ڏئي سگهجي ٿي؟ پي ايم ڊي سي جي وڪيل چيو ته وفاقي سرڪار جي چوڻ تي ڪيترائي آرڊر جاري ڪيا ويندا آهن، سندن بدقسمتي آهي ته حڪومت پنجن سالن ۾ پي ايم ڊي سي جو پنجون آرڊيننس جاري ڪيو آهي. جسٽس امير هاني مسلم رمارڪس ڏنا ته وفاقي سرڪار ته چاهين هر هنڌ سندن حڪومت هلي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته حڪمرانن کي پاڻ ئي ووٽ ڏئي آندو ويندو آهي،70 سيڪڙو نتيجن جي اڳ ۾ ئي هوندي آهي. هن چيو ته ڀاڙي جي عمارتن ۾ ميڊيڪل ڪاليج قائم ٿيل آهن، انسپيڪشن کان سواءِ ڪاليج قائم ڪرڻ جي اجازت ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي؟ عدالت پي ايم ڊي سي کي ڪاليج انسپيڪشن بابت رپورٽ ٻن هفتن اندر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *