65سيڪڙو کان گهٽ مارڪس تي داخلا وٺندڙن کي ڊگري جاري نه ٿيندي:پي ايم سي لاڙڪاڻي جي انتظاميھ کي خط لکي ڇڏيو

ڪراچي(م.ڊ) پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن شھيد بينظيرڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي انتظاميا کي خط لکي چيو آھي تھ  65سيڪڙو کان گهٽ مارڪس جي بنياد تي داخلا وٺندڙ شاگردن کي ڊگري جاري نه ٿيندي، کين ملڪ ۾ ڪٿي به پريڪٽس جي اجازت نه ملندي، پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي انتظاميا کي خط ۾ چيو آھي تھ اھڙن شاگردن جي ڊگري به قبول جوڳي نه هوندي، 50سيڪڙو جي بنياد تي داخلا ڏيڻ بابت سنڌ حڪومت جو فيصلو پي ايم سي ايڪٽ جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو ويو آھي،  خط ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ 65 سيڪڙو کان گهٽ مارڪس وارن شاگردن کي داخلا ڏيندڙ ميڊيڪل ادارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *