6 مهينن تائين قانونسازي نه ٿيڻ جي صورت ۾ آرمي چيف باجوه رٽائر ٿي ويندو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُپريم ڪورٽ آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ واري ڪيس تي لکت ۾ تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. سُپريم ڪورٽ چيو آهي ته 6 مهينن تائين قانونسازي نه ٿيڻ جي صورت ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه رٽائر ٿي ويندو ۽ صدر نئون آرمي چيف مقرر ڪندو. سُپريم ڪورٽ طرفان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مُدي واري ڪيس تي لکت ۾ تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. 39 صفحن تي ٻڌل فيصلو جسٽس منصور علي شاهه لکيو. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هِن ڪيس ۾ بُنيادي سوال پيدا ٿئي ٿو ته حڪومت قانون جي آهي يا فردن جي؟ آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ جي حوالي سان ڪيس پهريون ڀيرو عدليه ۾ آيو، اسان جي اڳيان ڪيس آيو ته آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ ڪري سگهجي ٿي.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جنرل جي رينڪ جي فوجي آفيسر لاءِ قانون ۾ رٽائرمينٽ ۽ ملازمت جي مُدي جو ذڪر نه ڪيو ويو آهي، ادارتي پريڪٽس تحت هڪ جنرل ٽن سالن جي مُدي واري ملازمت پوري ٿيڻ تي رٽائر ٿي ويندو آهي، ادارتي پريڪٽس قانون جو اٿرائتو متبادل نٿي ٿي سگهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته هاڻي هي معاملو چونڊيل نمائندن ڏانهن آهي ته اُهي اِن حوالي سان قانونسازي ڪن، 6 مهينن جي عرصي ۾ قانونسازي نه ٿي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه رٽائر ٿي ويندو ۽ صدر نئون آرمي چيف مقرر ڪندو. هي معاملو پارليامينٽ حوالي ڪرڻ جو مقصد آهي ته مستقبل ۾ غلطيون نه ٿين.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *