6 سيپٽمبر ڪشمير ۽ بچاءُ ڏهاڙي طور ملهائڻ جو اعلان، ڀارتي ظلم کان نجات ۽ ڪشميرين جي آزادي اٽل آهي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌسماءِ جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڀارتي ظلم کان نجات ۽ ڪشميرين جي آزادي اٽڪل آهي مودي جي سوچ ۽ ظلم سان دنيا جي امن کي سنگين خطرن جي نتيجن کان خبردار ڪري رهيا آهيون سعودي عرب ۽ امارات جي وڏي وزيرن جو اچڻ ڪشميرين لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن ۽ وزيراعظم جي زات تي اعتماد جواظهار آهي ٽيوٽر تي پنهنجي بيان ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ستن ڏهاڪن ۾ مظلوم ڪشميرين جي حق ۾ سڀ کان طاقتور آواز وزيراعظم عمران خان جو آهي هن چيو ته نيويارڪ ٽائيمز ۾ مضمون هجي يا اتر آمريڪا ۾ خطاب هو هر فورم تي ڪشميرين جو ڪيس وڙهي رهيو آهي. هن چيو ته سعودي ۽ اماراتي پرڏيهي وزيرن جو ڪشمير جي موجوده صورتحال تي پاڪستان اچڻ انهن جي ڳڻتي جو مظهر اهي ۽ هن معاملي جي تڪراري حيثيت جو هڪ ٻيو ثبوت آهي هن چيو ته مهذب دنيا مظلوم ڪشميرين جو ساٿ ڏيئي انسانيت سان پنهنجو لاڳاپو احترام ۽ انسانيت جي تقدس کي بچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري. ٻئي طرف وزيراعظم جي سڌسماءِ جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته 6 سيپٽمبر جو ڏينهن ڪشمير ۽ يوم دفاع طور ملهائينداسين دنيا والاريل ڪشمير تي خاموش آهي پاڪستان هميشه ڪشمير لاءِ آواز اٿاريندو رهندو اربع تي اسلامڪ يونيورسٽي ۾ والاريل ڪشمير جي موجوده صورتحال بابت سيمينار کي خطاب ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سڄي دنيا جا مسلمان هڪ ايجنڊا تي گڏ آهن فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مسلمانن جون دليون ڪشميرين سان گڏ ڌڙڪن ٿيون ڪشميري مواصلاتي نظام بند هئڻ جي ڪري دنيا کان ڪٽيل آهن فردوس عاشق اعواڻ چيو ته والاريل ڪشمير دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ٿي چڪو آهي هندستاني سرڪار انسانيت جي تذليل ڪري رهي آهي هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ کاڌ خوراڪ ۽ دوائن جي کوٽ ٿي ويئي آهي ڪشميري پنهنجي رت سان داستان لکي رهيا آهن هن چيو ته دنيا والاريل ڪشمير تي خاموش آهي هن چيو ته بندوقن جي پاڇي ۾ ڪشميرين کي گهرن ۾ قيد ڪيو ويو هن چيو ته پاڪستان هميشه ڪشمير جي لاءِ آواز اٿاريندو رهندو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *