6 سيپٽمبر ڪشمير ۽ بچاءُ ڏهاڙي طور ملهائينداسين، مسلمانن جون دليون ڪشميرين سان گڏ ڌڙڪن ٿيون: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌسماءِ جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته 6 سيپٽمبر جو ڏينهن ڪشمير ۽ يوم دفاع طور ملهائينداسين دنيا والاريل ڪشمير تي خاموش آهي پاڪستان هميشه ڪشمير لاءِ آواز اٿاريندو رهندو اربع تي اسلامڪ يونيورسٽي ۾ والاريل ڪشمير جي موجوده صورتحال بابت سيمينار کي خطاب ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سڄي دنيا جا مسلمان هڪ ايجنڊا تي گڏ آهن فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مسلمانن جون دليون ڪشميرين سان گڏ ڌڙڪن ٿيون ڪشميري مواصلاتي نظام بند هئڻ جي ڪري دنيا کان ڪٽيل آهن فردوس عاشق اعواڻ چيو ته والاريل ڪشمير دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ٿي چڪو آهي هندستاني سرڪار انسانيت جي تذليل ڪري رهي آهي هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ کاڌ خوراڪ ۽ دوائن جي کوٽ ٿي ويئي آهي ڪشميري پنهنجي رت سان داستان لکي رهيا آهن هن چيو ته دنيا والاريل ڪشمير تي خاموش آهي هن چيو ته بندوقن جي پاڇي ۾ ڪشميرين کي گهرن ۾ قيد ڪيو ويو هن چيو ته پاڪستان هميشه ڪشمير جي لاءِ آواز اٿاريندو رهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *